Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 52 - Sindhi Bible

1 اي صيون، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اي يروشلم پاڪ شهر پنهنجي سهڻي پوشاڪ ڍڪ؛ ڇالاءِ جو اڄ کان پوءِ تو ۾ اڻ طهريل ۽ ناپاڪ ماڻهو ڪونہ ايندا.

2 اي يروشلم پاڻ تان مٽي ڇنڊي ڇڏ، اُٿي ويهہ: اي صيون جي قيدي ڌيءَ پنهنجي ڳچيءَ جا بند کولي ڇڏ.

3 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مفت وڪاڻا هئا، سو بنا پئسن ڇڏيا ويندا.

4 ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ منهنجي اُمت پهرين مصر ۾ رهڻ لاءِ ويئي: ۽ اسورين انهيءَ تي بي سبب ظلم ڪيا.

5 تنهن ڪري هاڻي خداوند فرمائي ٿو، تہ جڏهن منهنجي اُمت کي مفت ۾ وٺي ويا آهن، تڏهن آءٌ هتي ڇا ڪريان؟ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن جا حاڪم واڪا ٿا ڪن، ۽ سارو ڏينهن منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن.

6 تنهن ڪري منهنجي اُمت منهنجو نالو ڄاڻيندي: ۽ انهي ڏينهن اهي ڄاڻندا تہ آءٌ اهو آهيان جو ڳالهائي ٿو؛ ڏس، اهو آءٌ آهيان.

7 انهيءَ جا قدم جبل تي ڪهڙا نہ مبارڪ آهن، جيڪو خوشخبري ٿو آڻي، ۽ جيڪو سلامتيءَ جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو ڀلائيءَ جي خوشخبري ۽ نجات جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو صيون کي چوي ٿو تہ تنهنجو خدا بادشاهي ٿو ڪري.

8 تنهنجي پهري وارن جو آواز! اهي گڏجي وڏي سڏ ڳائين ٿا؛ ڇالاءِ تہ جڏهن خداوند صيون ۾ موٽي ايندو، تڏهن اهي کيس روبرو ڏسندا.

9 اي يروشلم جون ويران جايون اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، هن يروشلم کي ڇڏايو آهي.

10 خداوند سڀني قومن جي ڏسندي پنهنجي پاڪ ٻانهن اُگهاڙي ڪئي آهي؛ ۽ زمين جا سڀ ڪنارا اسان جي خدا جي نجات ڏسندا.

11 اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.

12 ڇالاءِ جو اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڀڄي نڪرندا: ڇو تہ خداوند اوهان جي اڳيان هلندو؛ ۽ اسرائيل جو خدا اوهان جي پٺ سنڀاليندو.

13 ڏسو منهنجو بندو دانائيءَ سان هلندو، هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، هو وڏي درجي کي رسندو.

14 جيئن گهڻا توکي ڏسي حيران ٿي ويا، (هن جي شڪل انسان کان، ۽ هن جي صورت بني آدم کان وڌيڪ بگڙيل هئي،)

15 تيئن هو گهڻين قومن کي حيران ڪري ڇڏيندو؛ هن جي سامهون بادشاهہ پنهنجا وات بند ڪندا: ڇالاءِ تہ جيڪي انهن کي چيو نہ ويو هو، سو اهي ڏسندا، ۽ جيڪي انهن نہ ٻڌو هو سو اهي سمجهندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan