يسعياہ 47 - Sindhi Bible1 اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ. 2 جنڊ کڻي ويهي اَن پيهہ: پنهنجو نقاب لاهي ڇڏ؛ گهاگهرو ويڙهي ٽَنگ اُگهاڙي ڪري ندين مان لنگهي وڃ. 3 تنهنجي اوگهڙ پڌري ٿيندي، هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي: آءٌ وير وٺندس، ۽ ڪوبہ ماڻهو قبول نہ ڪندس. 4 اسان جي عيوضي ڏيندڙ جو نالو، لشڪرن جو خداوند، ۽ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي. 5 اي ڪسدين جي ڌيءَ تون ماٺ ڪري اوندهہ ۾ ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي بادشاهتن جي بيگم نہ سڏبينءَ. 6 آءٌ پنهنجيءَ اُمت سان ڪاوڙيل هوس، مون پنهنجيءَ ميراث کي پليت ڪيو، ۽ انهن کي تنهنجي حوالي ڪيم: تو انهن تي رحم نہ ڪيو؛ تو ٻڍن تي بہ پنهنجي ڳري پاڃاري رکي. 7 ۽ تو چيو تہ آءٌ هميشہ لاءِ بيگم ٿي رهنديس: جنهن ڪري تو اهي ڳالهيون دل تي نہ رکيون ۽ نہ تو انهن جي پڇاڙي ياد ڪئي. 8 تنهن ڪري هاڻي هي ٻڌ، تون جا عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ بيوہ ٿي ڪانہ ويهنديس، نڪو منهنجا ٻار مرندا: 9 پر اهي ٻئي ڳالهيون يعني ٻارن جو نقصان ۽ ڏهاڳ، تو تي هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون: تنهنجي گهڻين جادوگرين ۽ بي انداز تعويذن هوندي بہ اهي پوري زور سان توتي اينديون. 10 ڇالاءِ جو تو پنهنجيءَ شرارت تي ڀروسو رکيو آهي: تو چيو آهي تہ مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو ڏسي؛ تنهنجيءَ دانائيءَ ۽ تنهنجي علم توکي گمراهہ ڪيو آهي: ۽ تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو آهي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 11 تنهن ڪري توتي آفت ايندي؛ ۽ توکي خبر ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي جادوءَ سان انهيءَ کي هٽايان: مصيبت توتي اچي ڪڙڪندي؛ ۽ تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگهندينءَ: ويراني اوچتو تنهنجي مٿان اچي پوندي، جنهن جي توکي ڪابہ خبر ڪانهي. 12 هاڻي تون پنهنجي گهڻين جادوگرين ۽ بي انداز منترن سان اُٿي بيهہ، جن جي تو ننڍپڻ کان مشق پئي ڪئي آهي؛ شايد توکي فائدو رسي، شايد تون غالب پوين. 13 تون پنهنجين گهڻين مصلحتن منجهہ ٿڪجي پيئي آهين: ڀلي تہ هاڻي نجومي، تارا ڏسندڙ، ۽ ماهواري فالون ويجهندڙ اُٿي بيهن، ۽ جيڪي ڳالهيون توتي اچڻيون آهن، تن کان توکي بچائين. 14 ڏس، اهي بُهہ جهڙا ٿيندا؛ باهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندي؛ اهي باهہ جي زور کان پاڻ کي ڇڏائي نہ سگهندا: اهي اهڙا ٽانڊا نہ هوندا، جن تي پاڻ کي سيڪجي، نڪي اهڙي باهہ هوندين جنهن جي اڳيان ويهجي. 15 جن ڳالهين لاءِ تو محنت ڪئي آهي سي تنهنجي لاءِ اهڙيون ٿينديون: جن سان تو ننڍپڻ کان واپار پئي ڪيو آهي تن مان هرڪو پنهنجي جاءِ تي هليو ويندو؛ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ رهندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society