يسعياہ 46 - Sindhi Bible1 بيل هيٺ جهڪي ٿو، نبو سجدو ٿو ڪري؛ انهن جون مورتون جانورن ۽ ڍورن تي لڏيل آهن: جيڪي شيون اوهين کڻي پئي گهميا، سي ٿڪل جانورن تي لڏيل بوجهو آهن. 2 اهي نئڙن ٿا، اهي سڀ گڏ هيٺ جهڪن ٿا؛ اهي بار کان بچائي نہ سگهيا، پر پاڻ قيد ٿي ويا. 3 اي يعقوب جا گهراڻا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪي بچيا آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، مون اوهان کي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليو آهي، اوهان کي ننڍپڻ کان ئي هنج ۾ کنيو اٿم: 4 ۽ اوهان جي ٻڍاپي تائين آءٌ اهو ئي رهندس، بلڪ اوهان جي اڇن وارن تائين آءٌ اوهان کي کڻندس: مون ئي جوڙيو آهي ۽ آءٌ ئي سنڀاليندس؛ هائو، آءٌ کڻندس ۽ ڇڏائيندس. 5 اوهين ڪنهن سان منهنجي مشابهت ڪندا، ڪنهن سان برابري ڪندا، ۽ ڪنهن سان مقابلو ڪندا، تہ اسين هڪ جهڙا ٿيون؟ 6 جيڪي ڳوٿريءَ مان سون ڪڍن ٿا ۽ ساهميءَ ۾ چاندي تورين ٿا، اهي سوناري کي ڪم تي رکن ٿا ۽ هو انهي مان هڪڙو معبود جوڙي ٿو؛ پوءِ اُهي هنجي اڳيان جهڪن ٿا ۽ سجدو ڪن ٿا. 7 اُهي هن کي ڪلهي تي کڻي سندس جاءِ تي رکن ٿا، ۽ هو بيهي ٿو؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ تان نٿو چُري: بلڪ جڏهن ڪو هن کي پڪاريندو تہ بہ هو جواب ڪونہ ڏيندو، نڪي کيس مصيبت کان بچائيندو. 8 اي ڏوهي اهو ياد رکو، پنهنجي مڙسي ڏيکاريو، اوهين وري بہ اها ڳالهہ دل تي آڻيو. 9 قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ خدا آهيان ۽ مون جهڙو ٻيو ڪونهي؛ 10 جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس: 11 آءٌ اُڀرندي يعني ڏورانهين ملڪ کان هڪڙو عقاب، يعني اهڙو شخص سڏيندس جو منهنجي مرضي پوري ڪندو؛ هائو، مون ڳالهايو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس؛ مون ارادو ڪيو آهي، ۽ آءٌ اهو پورو ڪندس. 12 اي سخت دل وارو، اوهين جي راستبازي کان پري آهيو سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو: 13 آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society