يسعياہ 44 - Sindhi Bible1 انهي هوندي بہ اي منهنجا بندا يعقوب؛ اي منهنجا چونڊيل اسرائيل، هاڻي ٻڌ: 2 جنهن خداوند توکي بنايو، ۽ ماءُ جي پيٽ کان ئي توکي جوڙيو، ۽ جو تنهنجي مدد ڪندو؛ سو هيئن ٿو فرمائي تہ اي منهنجا بندا يعقوب، اي منهنجا چونڊيل يسورون، ڊڄ نہ. 3 ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس. 4 اهي واهن جي ڪناري، گاهن ۾ لئين وانگر نڪرندا. 5 هڪڙو چوندو تہ آءٌ خداوند جو آهيان؛ ٻيو پاڻ کي يعقوب جي نالي سان سڏيندو؛ تہ ٻيو وري پنهنجي هٿ سان لکندو تہ آءٌ خداوند جي لاءِ آهيان، ۽ پاڻ کي اسرائيل جي نالي جو لقب ڏيندو. 6 خداوند، اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ انهي جو نجات ڏيندڙ، لشڪرن جو خداوند، هيئن ٿو فرمائي: تہ آءٌ اول ۽ آخر آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي. 7 جنهن وقت کان مون قديم اُمت کي مقرر ڪيو، تنهن وقت کان ڪير مون وانگي سڏيندو، ۽ اُنهي جو بيان ڪري مون لاءِ ترتيب وار بيهاريندو؟ جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، ۽ جي هن کان پوءِ ٿينديون سي تہ ڀلا هو ظاهر ڪن. 8 اوهين ڊڄو نہ، ۽ نہ ڪو ڊپ ڪريو: مون توکي اڳيئي اهو نہ ٻڌايو، ۽ نہ ڏيکاريو آهي ڇا؟ ۽ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ نہ، ڪو بہ ٽڪر ڪونهي؛ مون کي ڪوبہ ڪونہ سُجهي! 9 جيڪي اُڪريل مورتون ٿا ٺاهين، سي سڀ بيهودا آهن؛ ۽ انهن جي وڻندڙ شين مان ڪوبہ فائدو ڪونهي: ۽ انهن جا شاهد نڪي ڏسن ٿا، نڪي ڄاڻن ٿا؛ سي ڀلي شرمندا ٿين. 10 ڪنهن ڪو اهڙو معبود جوڙيو، يا ڪا اُڪريل مورت پلٽي آهي، جنهن مان ڪو فائدو ٿئي؟ 11 ڏس، هن جا سڀ سنگتي شرمندا ٿيندا؛ ۽ ڪاريگر بہ، جي انسان آهن: ڀلي تہ اهي سڀ گڏ ٿي بيهن، اهي ڊڄندا ۽ گڏجي شرمندا ٿيندا. 12 لوهار ڪهاڙو ٺاهي ٿو، ۽ اَڱرن تي ڪم ڪري ٿو، ۽ مترڪن سان انهي کي جوڙي، ۽ پنهنجن زور ڀرين ٻانهن سان انهي کي گهڙي ٿو: هائو، هو بکائجي ٿو، ۽ ڪمزور ٿو ٿئي؛ هو پاڻي نٿو پيئي، ۽ ساڻو ٿو ٿئي. 13 واڍو ڏور ڇڪي ٿو ۽ انهيءَ سان نشان ٿو ڪري؛ هو رندن سان انهيءَ کي صاف ٿو ڪري، ۽ پرڪارن سان انهي جا نشان ظاهر ٿو ڪري، ۽ انسان جي صورت موجب، انسان جي سهڻي شڪل بنائي ٿو تہ گهر ۾ رکي. 14 هو پنهنجي لاءِ ديودار وڍي ٿو، ۽ شمشاد ۽ شاهہ بلوط جا وڻ کڻي ٿو، ۽ ٻيلي جي وڻن مان هڪڙو مضبوط وڻ پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو: هو صنوبر جو وڻ لڳائي ٿو، ۽ مينهن انهي کي زور وٺائي وڏو ڪري ٿو، 15 پوءِ اهو باهہ ٻارڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ڪم اچي ٿو؛ هو انهي مان ڪجهہ ٻاري پاڻ کي گرم ڪري ٿو؛ بلڪ هو انهي کي ٻاري ماني پچائي ٿو: هو انهي مان هڪڙو معبود ٺاهي ٿو، ۽ انهي جي عبادت ڪري ٿو؛ هو انهي مان هڪڙي اُڪريل مورت ٺاهي انهي جي اڳيان سجدو ڪري ٿو. 16 هو انهي جو هڪڙو ٽڪر باهہ ۾ ساڙي ٿو؛ ۽ انهي ٽڪر تي گوشت پچائي کائي ٿو؛ هو ڪباب پچائي ٿو، ۽ کائي ڍءُ ٿو ڪري: هائو، هو پاڻ کي گرم ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ واهہ واهہ، آءٌ گرم ٿيو آهيان، مون باهہ ڏٺي آهي: 17 پوءِ انهي جي بچيل ٽڪرن مان هو هڪڙو معبود يعني پنهنجي اُڪريل مورت ٺاهي ٿو: هو انهيءَ جي اڳيان جهڪي سجدو ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کان دعا ٿو گهري، ۽ چوي ٿو تہ مون کي ڇڏاءِ؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو خدا آهين. 18 اهي نٿا ڄاڻن نڪي ويچار ڪن ٿا، جو هن انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري هو ڏسي نٿا سگهن؛ ۽ هن انهن جون دليون سخت ڪيون آهن جنهن ڪري هو سمجهي نٿا سگهن. 19 ڪو پنهنجي دل ۾ خيال نٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجهي ٿو، جو چوي تہ هن جو هڪڙو ٽڪر مون باهہ ۾ ساڙيو، ۽ انهي جي ٽانڊن تي مون ماني بہ پچائي ۽ گوشت بہ ڪباب ڪري کاڌم: ۽ انهي جي بچيل ٽڪر مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ جوڙيان ڇا؟ آءٌ هڪڙي وڻ جي بنڊ جي اڳيان سجدو ڪريان ڇا؟ 20 هو رک کائي ٿو: ٺڳيل دل هن کي اهڙو گمراهہ ڪيو آهي جو هو پنهنجو روح ڇڏائي نٿو سگهي، ۽ نڪي چوي ٿو تہ منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڪوڙ ناهي ڇا؟ 21 اي يعقوب، اي اسرائيل، اهي ڳالهيون ياد رک؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو بندو آهين: مون توکي جوڙيو آهي؛ تون منهنجو بندو آهين: اي اسرائيل آءٌ توکي ڀلجي نہ ويندس. 22 مون تنهنجون خطائون گهاٽي ڪڪرن وانگي، ۽ تنهنجا گناهہ بادل وانگي ميساري ڇڏيا آهن: مون ڏانهن ڦر؛ ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي. 23 اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو. 24 خداوند تنهنجو نجات ڏيندڙ، ۽ جنهن توکي تنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ خداوند آهيان جو سڀ شيون ٿو جوڙيان؛ جو اڪيلو آسمان کي تاڻيان ٿو ۽ زمين کي پري پکيڙي ٿو ڇڏيان: ڪير منهنجو شريڪ آهي؟ 25 جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري. 26 جو پنهنجي بندي جو ڪلام ثابت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي قاصدن جي مصلحت پوري ٿو ڪري؛ جو يروشلم بابت چوي ٿو تہ اهو آباد ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي شهرن بابت تہ اهي اڏبا، آءٌ هن جا ويران هنڌ آباد ڪندس: 27 جو اونهي سمنڊ کي چوي ٿو تہ سڪي وڃ، آءٌ تنهنجون نديون سڪائي ڇڏيندس: 28 جو خورس بابت چوي ٿو تہ هو منهنجو ڌنار آهي، ۽ منهنجي سموري مرضي پوري ڪندو: هو يروشلم جي بابت چوي ٿو تہ اهو وري اڏبو؛ ۽ هيڪل کي چوي ٿو تہ تنهنجو بنياد پوندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society