يسعياہ 42 - Sindhi Bible1 ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو. 2 هو رڙ نہ ڪندو، نڪي هل ڪندو، نڪي هن جو آواز گهٽيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو. 3 ڦٿل ڪانو بہ هو ڪين ڀڃندو، ۽ دکيل سڻيءَ کي بہ هو ڪين وسائيندو: هو سچائيءَ سان عدالت جاري ڪندو. 4 جيسين ڪ هو زمين تي عدالت قائم نہ ڪندو، تيسين هو نڪي ٿڪبو، نڪي بي همت ٿيندو؛ ۽ ٻيٽ هن جي شريعت جو انتظار ڪندا. 5 خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ، 6 مون خداوند توکي سچائيءَ سان سڏيو آهي، آءٌ تنهنجو هٿ جهليندس ۽ تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي اُمت جي لاءِ عهد، ۽ قومن جي لاءِ سوجهرو ڪري ڏيندس؛ 7 تہ تون انڌن جون اکيون کولين، قيدين کي قيد مان ڪڍين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺا آهن، تن کي قيد خاني مان ڪڍين. 8 آءٌ خداوند آهيان؛ اهو منهنجو نالو آهي: آءٌ پنهنجو جلال ڪنهن ٻئي کي ڪين ڏيندس، نڪي پنهنجي تعريف اُڪريل مورتن کي ڏيندس. 9 ڏسو، اڳوڻيون ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، ۽ آءٌ نيون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان: اهي پوريون ٿين تنهن کان اڳ ۾ آءٌ اوهان کي انهن جي خبر ٿو ڏيان. 10 اوهين جي سمنڊ ڏانهن لهي ٿا وڃو ۽ جيڪي منجهس آهيو، اي ٻيٽ ۽ انهي جا رهاڪو، خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو، ۽ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سندس تعريف ڳايو، 11 ڀلي تہ بيابان ۽ ان جا شهر، ۽ قيدار جا آباد ڪيل ڳوٺ پنهنجو آواز مٿي ڪن؛ ڀلي تہ سلع جا رهاڪو ڳائين، ۽ جبلن جي چوٽيءَ تان وڏي سڏ پڪارين. 12 ڀلي تہ اهي خداوند جو جلال ظاهر ڪن، ۽ ٻيٽن ۾ هن جي تعريف پڌري ڪن. 13 خداوند بهادر مرد وانگي نڪرندو، هو جنگي مرد وانگي غيرت پيدا ڪندو: هو رڙ ڪندو، هائو، هو وڏا سڏ ڪندو: هو پنهنجي دشمن تي غالب ٿيندو. 14 آءٌ گهڻو وقت ماٺ ڪري ويٺو آهيان؛ مون صبر ڪري پاڻ کي پئي روڪيو آهي: هاڻي آءٌ سورائتيءَ زال وانگي رڙيون ڪندس؛ آءٌ سهڪندس ۽ اُڀا ساهہ کڻندس. 15 آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪندس، ۽ انهن جو سڀ گاهہ ٻوٽو سڪائي ڇڏيندس؛ آءٌ ندين کي ٻيٽ ڪندس، ۽ ڍنڍن کي سڪائي ڇڏيندس. 16 آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس. 17 اهي جي اُڪريل مورتن تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ جي پلٽيل مورتن کي چون ٿا تہ اوهين خدا آهيو، سي پٺ تي ڦيريا ويندا، ۽ اهي ڏاڍا شرمندا ٿيندا. 18 اوهين جي ٻوڙا آهيو سي ٻڌو: اوهين جي انڌا آهيو سي نظر ڪريو تہ ڏسو. 19 منهنجي بندي کان سواءِ ٻيو ڪير انڌو آهي؟ يا ڪير اهڙو ٻوڙو آهي، جهڙو منهنجو قاصد جنهن کي آءٌ موڪليان ٿو؟ جنهن جو مون سان صلح آهي تنهن جهڙو انڌو ٻيو ڪير آهي؟ ۽ خداوند جي بندي جهڙو ٻيو ڪير انڌو آهي؟ 20 تنهنجي نظر گهڻين شين تي پوي ٿي پر اهي ڏسين نٿو؛ هن جا ڪن کليل آهن، پر هو ٻڌي نٿو. 21 خداوند کي اهو پسند آيو تہ پنهنجيءَ راستبازيءَ جي خاطر شريعت جو اقبال وڌائي ۽ انهيءَ کي سرفراز ڪري. 22 پر هيءَ اها اُمت آهي جا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي: اهي سڀ چرن ۾ ڦاٿل، ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهن: اهي شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪوبہ انهن کي نٿو ڇڏائي؛ اهي لٽجي ويا آهن ۽ ڪوبہ نٿو چوي تہ موٽائي ڏيون. 23 اوهان مان ڪير آهي جو انهيءَ ڏانهن ڪن ڏيندو؟ جو ايندڙ وقت بابت غور سان ٻڌندو؟ 24 ڪنهن يعقوب کي لٽ جي لاءِ ڏنو ۽ اسرائيل کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ خداوند ائين نہ ڪيو ڇا؟ جنهن جو انسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ جنهن جي رستن تي انهن هلڻ نہ گهريو، ۽ جنهن جي شريعت جي انهن تابعداري نہ ڪئي. 25 تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ڪاوڙ جو جوش، ۽ جنگ جو زور انهيءَ تي ليٽائي وڌو؛ جنهن ڪري انهيءَ کي چوڌاري باهہ وڪوڙي وئي، تنهن هوندي بہ انهيءَ کي خبر ڪانہ پئي؛ باهہ ساڙي ڇڏيس تہ بہ هن اها ڳالهہ دل تي نہ رکي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society