يسعياہ 40 - Sindhi Bible1 اوهان جو خداوند فرمائي ٿو تہ تسلي ڏيو، منهنجي اُمت کي تسلي ڏيو. 2 اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي. 3 هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز آهي، تہ اوهين بيابان ۾ خداوند جو رستو تيار ڪريو. 4 هرڪا ماٿري بلند ٿيندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺانهين ڪئي ويندي؛ ۽ ڏنگو سنئون ڪيو ويندو، ۽ کڏون کوٻا سڌا ڪيا ويندا. 5 ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي ماڻهو انهي کي گڏ ڏسندا: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي. 6 هڪڙي جي آواز چيو تہ پڪار، ۽ ٻئي چيو تہ ڇا پڪاريان؟ سڀ ماڻهو گاهہ وانگر آهن، ۽ انهن جي سڀ سونهن ميدان جي گاهہ وانگيان آهي. 7 گاهہ سڪي وڃي ٿو، ۽ گل ڪومائجي ٿو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو واءُ انهي کي لڳي ٿو: يقيناً اُمت گاهہ وانگر آهي. 8 گاهہ سڪي وڃي ٿو، گل ڪومائجي ٿو: پر اسان جي خدا جو ڪلام هميشہ تائين رهندو. 9 اڙي تون جو صيون کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، مٿانهين جبل تي چڙهي وڃ؛ اڙي تون جو يروشلم کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، زور سان پنهنجو آواز بلند ڪر؛ اهو بلند ڪر، ڊڄ نہ، يهوداہ جي شهرن کي چئُہ تہ ڏسو اوهان جو خدا! 10 ڏسو، خداوند، خدا طاقت مند وانگي ايندو ۽ هن جي ٻانهن سندس لاءِ حڪم هلائيندي: ڏسو، هن جو انجام ساڻس آهي، ۽ هن جو عيوضو سندس اڳيان آهي. 11 هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو. 12 ڪنهن سمنڊ کي پنهنجي ٻڪ سان ماپيو آهي، ۽ آسمان کي گرانٺ سان ماپيو آهي، ۽ زمين جي مٽي ماڻ سان مئي آهي، ۽ ڪنهن جبلن کي ترازيءَ ۾، ۽ ٽڪرين کي ساهميءَ ۾ توريو آهي؟ 13 ڪنهن خداوند جي روح جي هدايت ڪئي آهي، يا ان جو مشير ٿي کيس تعليم ڏني آهي؟ 14 ڪنهن کان هن صلاح ورتي، ۽ ڪنهن هن کي تعليم ڏني، ۽ انصاف جي واٽ ۽ علم سيکاريو، ۽ کيس سمجهہ جو رستو ڏيکاريو؟ 15 ڏسو، قومون پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي وانگي آهن، ۽ ساهميءَ جي سنهيءَ مٽي وانگيان شمار ٿيل آهن: ڏسو، هو ٻيٽن کي هڪڙي ذري وانگي ٿو کڻي. 16 لبنان ٻارڻ جي لاءِ پورو نہ آهي، نڪي انهي جا جانور سوختني قربانيءَ لاءِ پورا آهن. 17 سڀ قومون هن جي اڳيان ڪين جهڙيون آهن؛ اهي هن جي نظر ۾ ڪين کان بہ گهٽ، بلڪ بي بقا آهن. 18 سو اوهين ڪنهن سان خدا جي مشابهت ڪندا؟ يا ڪنهن سان هن جو مقابلو ڪندا؟ 19 اُڪريل مورت تہ ڪاريگر پگهاري، ۽ سونارو انهي تي سون مڙهي ٿو، ۽ انهيءَ جي لاءِ چانديءَ جون زنجيرون پلٽي ٺاهي ٿو، 20 جن کي اهڙي قرباني پيش ڪرڻ جي وسعت ڪانهي سو اهڙو ڪو وڻ پسند ٿو ڪري جو سڙي ڪِنو نہ ٿئي؛ هو پنهنجي لاءِ اهڙو هوشيار ڪاريگر ٿو ڳولي جو اهڙي اُڪريل مورت جوڙي جا قائم رهي سگهي. 21 اوهين نٿا ڄاڻو ڇا؟ شروع کان وٺي اوهان کي چيو نہ ويو آهي ڇا؟ زمين جي شروع کان وٺي اوهان نہ سمجهيو آهي ڇا؟ 22 هي اهو ئي آهي جو زمين جي دائري تي ويٺو آهي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو تڏين وانگي آهن؛ هو آسمان کي پردي وانگي تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگي انهن کي پکيڙي ٿو، 23 هو شهزادن کي نابود ٿو ڪري؛ ۽ زمين جي حاڪمن کي فنا ڪري ٿو ڇڏي. 24 هائو، اهي ٿڏن وانگي نہ لڳايا ويا آهن؛ هائو، اهي نہ پوکيا ويا آهن؛ هائو، هنن جي ٿُڙ زمين ۾ پاڙ نہ هنئي آهي: تنهن کان سواءِ هو انهن تي ڦوڪي ٿو ۽ اهي ڪومائجي وڃن ٿا، ۽ واچوڙو انهن کي بهہ وانگي کڻي ٿو وڃي. 25 پاڪ خدا فرمائي ٿو تہ اوهين ڪنهن سان منهنجي مشابهت ڪندا جو آءٌ هن جي برابر ٿيان؟ 26 پنهنجون اکيون مٿي کڻو ۽ ڏسو تہ هنن سڀني کي ڪنهن خلقيو آهي، ۽ ڪير انهن جي لشڪرن کي شمار ڪري آڻي ٿو: هو انهن سڀني کي نالي سان سڏي ٿو؛ هن جي قدرت جي عظمت ۽ سندس گهڻيءَ طاقت جي ڪري هڪڙو بہ گهٽ نٿو ٿئي. 27 اي يعقوب تون ڇو ٿو چوين، ۽ اي اسرائيل تون ڇو اهڙي ڳالهہ ٿو ڪرين، تہ منهنجو رستو خداوند کان لڪل آهي، ۽ منهنجي عدالت منهنجي خدا کان لنگهي وئي آهي؟ 28 توکي خبر ناهي ڇا؟ تو ٻڌو ناهي ڇا؟ تہ خداوند، خدا، جو هميشہ قائم آهي، ۽ ساري زمين جو خالق، سو ماندو نٿو ٿئي، نڪي ٿڪجي ٿو؛ هن جي سمجهہ پروڙڻ جي نہ آهي. 29 هو ماندن کي زور ڏئي ٿو؛ ۽ جنهن کي طاقت ڪانهي تنهن جي سگهہ وڌائي ٿو. 30 نوجوان ٿڪجي ماندا ٿي پوندا، ۽ جوان ماڻهو بلڪل ڪري پوندا: 31 پر جيڪي خداوند جا منتظر ٿا رهن، سي نئون زور حاصل ڪندا؛ اهي عقابن وانگي کنڀن سان چڙهندا؛ اهي ڊوڙندا ۽ ٿڪبا ڪين، اهي هلندا ۽ ماندا ڪين ٿيندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society