Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 4 - Sindhi Bible

1 انهي ڏينهن ست زالون هڪڙي ماڻهوءَ کي جهلي چونديون تہ اسين پنهنجي ماني کائينديونسين، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڍڪينديونسين: رڳو ايترو ڪر تہ تون اسان کي پنهنجي نالي سڏجڻ ڏي: اسان تان اسان جي خواري لاهہ.

2 انهي ڏينهن جيڪي اسرائيل مان ڀڄي نڪتا هوندا تن لاءِ خداوند جي ٽاري سهڻي ۽ شاندار ٿيندي، ۽ زمين جي اُپت انهن جي لاءِ تمام عمدي ۽ وڻندڙ ٿيندي.

3 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو صيون ۾ بچي ويو هوندو، ۽ جيڪو يروشلم ۾ رهجي ويو هوندو، مطلب تہ جيڪو بہ يروشلم ۾ جيئرن ۾ لکيو ويو هوندو سو پاڪ سڏبو:

4 يعني تہ جڏهن خداوند عدالت جي روح ۽ باهہ جي روح سان صيون جي ڌيئن جي گندگي ڌوئي ڇڏيندو، ۽ يروشلم جو رت صاف ڪري ڇڏيندو.

5 ۽ خداوند صيون جبل جي سڀ ڪنهن مڪان تي، ۽ ان جي جماعتن تي، ڏينهن جو ڪڪر ۽ دونهون، ۽ رات جو شعلي وانگر باهہ جو سوجهرو پيدا ڪندو: ڇالاءِ جو انهيءَ ساري جلال تي هڪڙي ڇٽي پکيڙي ويندي.

6 جا ڏينهن جو گرميءَ کان ڇانوَ لاءِ شاميانو ٿيندي، ۽ طوفان ۽ مينهن کان ڍڪ ۽ پناهہ ٿيندي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan