Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 39 - Sindhi Bible

1 انهي وقت بابل جي بادشاهہ مرودڪ بلدان بن بلدان، حزقياہ ڏانهن تحفو ۽ ڪي خط موڪليا: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو بيمار هو، ۽ هاڻي ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو آهي.

2 ۽ حزقياہ انهن جي اچڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ انهن کي پنهنجا خزانا، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ مصالحہ ۽ قيمتي تيل، ۽ پنهنجن هٿيارن جو سڄو گهر، ۽ جيڪي بہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريائين: سندس گهر ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانہ هئي جا حزقياہ هنن کي نہ ڏيکاري.

3 تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ هنن ماڻهن ڇا چيو، ۽ اهي تو وٽ ڪٿان آيا هئا؟ حزقياہ چيو تہ اهي هڪڙي ڏورانهين ملڪ يعني بابل مان مون وٽ آيا هئا.

4 تڏهن هن پڇيو تہ هنن تنهنجي گهر ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟ حزقياہ جواب ڏنو تہ جيڪي منهنجي گهر ۾ آهي، سو سڀ هنن ڏٺو آهي: منهنجي خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي، جا مون هنن کي نہ ڏيکاري آهي.

5 تڏهن يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ لشڪرن جي خداوند جو ڪلام ٻڌ.

6 ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن جيڪي تنهنجي گهر ۾ آهي، ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو بابل ڏانهن کڄي ويندو: خداوند فرمائي ٿو تہ ڪجهہ بہ ڇڏيو نہ ويندو.

7 ۽ جيڪي پٽ تو مان پيدا ٿيندا، ۽ جن کي تون ڄڻندين، تن مان بہ ڪيترائي هو پاڻ سان وٺي ويندا؛ ۽ اهي بابل جي بادشاهہ جي محلات ۾ ناظر ٿيندا.

8 تنهن تي حزقياہ يسعياہ کي چيو تہ خداوند جو ڪلام جيڪو تو ٻڌايو آهي سو چڱو آهي. هن وڌيڪ هي بہ چيو تہ منهنجن ڏينهن ۾ صلح ۽ سچائي قائم رهندي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan