Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 38 - Sindhi Bible

1 انهن ڏينهن ۾ حزقياہ اهڙو بيمار ٿي پيو جو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو. ۽ آموص جو پٽ يسعياہ نبي وٽس آيو ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي گهراڻي جو پورو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون جيئرو ڪين رهندين، پر مري ويندين.

2 تڏهن حزقياہ پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڦيرائي خداوند کان دعا گهرڻ لڳو.

3 ۽ چيائين تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن نہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ سچائيءَ ۽ سالم دل سان هليو آهيان، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيو اٿم. پوءِ حزقياہ زار زار رئڻ لڳو.

4 تڏهن خداوند جو ڪلام يسعياہ تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس

5 تہ وڃي حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند تنهنجي پيءُ دائود جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ تنهنجا لڙڪ ڏٺا اٿم: ڏس، آءٌ تنهنجي عمر پندرهن ورهيہ وڌائيندس.

6 ۽ آءٌ توکي، ۽ هن شهر کي، اسور جي بادشاهہ جي هٿان ڇڏائيندس: ۽ هن شهر کي بچائيندس.

7 ۽ جيڪا هيءَ ڳالهہ خداوند فرمائي آهي سا پوري ڪندو تنهنجي خداوند وٽان تو لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي:

8 ڏس، آءٌ آخز جي ڌوپ گهڙيءَ تي جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو آهي، تنهن کي ڏهہ درجا پٺتي موٽائيندس. سو ڌوپ گهڙيءَ تي جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو هو، سو ڏهہ درجا پٺتي موٽي ويو.

9 يهوداهہ جو بادشاهہ حزقياہ جڏهن بيمار هو ۽ وري بيماريءَ کان ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو، تڏهن هي لکيائين:

10 مون چيو تہ آءٌ پنهنجيءَ حياتي جي اڌ ۾ ئي قبر جي دروازن ۾ داخل ٿيندس: منهنجا باقي رهيل ورهيہ مون کان کسيا ويا آهن.

11 مون چيو تہ آءٌ خداوند کي نہ ڏسندس، يعني جيئرن جي زمين ۾ خداوند کي نہ ڏسندس: آءٌ دنيا جي رهاڪن ۽ انسان کي وري نہ ڏسندس.

12 منهنجي عمر ڌنار جي تنبوءَ وانگر ڊاهي پري ڪئي وئي آهي: مون ڪوريءَ وانگي پنهنجي حياتي ويڙهي ڇڏي آهي؛ ۽ هو مون کي آڏاڻي تان وڍي ڇڏيندو: هڪڙي ڏينهن ۽ رات جي اندر تون مون کي پورو ڪري ڇڏيندين.

13 آءٌ صبح تائين ماٺ ڪري ويٺس؛ هو شينهن وانگي منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ٿو وجهي: هڪڙي ڏينهن ۽ رات جي اندر تون مون کي پورو ڪري ڇڏيندين.

14 ابابيل يا ڪنگ وانگي مون ٻوليون ڪيون؛ ڳيري وانگيان مون اوساريو: منهنجون اکيون مٿي نهاري نهاري ساڻيون ٿيون ٿين: اي خداوند آءٌ ستايل آهيان، تون منهنجو ضامن ٿيءُ.

15 آءٌ ڇا چوان؟ هن مون سان ڳالهايو بہ آهي ۽ پاڻ ائين بہ ڪيو اٿس: آءٌ پنهنجي روح جي ڪَڙائيءَ جي ڪري، پنهنجيءَ عمر جا باقي ورهيہ خبرداريءَ سان گذاريندس.

16 اي خداوند، انهن ڳالهين ڪري ماڻهو جيئرا ٿا رهن، ۽ منهنجي روح جي حياتي سموري انهن ۾ آهي: تنهن ڪري تون ئي مون کي چڱو ڀلو ڪر ۽ مون کي جيئرو رک.

17 ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.

18 قبر تنهنجي تعريف نٿي ڪري سگهي، نڪي موت تنهنجي واکاڻ ڪري ٿو سگهي: جيڪي قبر ۾ ٿا لهن سي تنهنجي سچائيءَ جي اميد رکي نٿا سگهن.

19 جيئرا، هائو جيئرا ئي تنهنجي تعريف ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان: پيءُ پنهنجي اولاد کي تنهنجي سچائيءَ جي خبر ڏيندو.

20 خداوند مون کي بچائڻ لاءِ تيار آهي: تنهن ڪري اسين ساري عمر خداوند جي گهر ۾، تار وارن سازن تي پنهنجا راڳ ڳائينداسين.

21 هاڻي يسعياہ چيو هو تہ انجير جي ٽڪي ٺاهي ڦرڙيءَ تي ليپ وانگي ٻڌن تہ هو ڇٽي پوندو.

22 حزقياہ ائين بہ چيو هو تہ آءٌ خداوند جي گهر ۾ ويندس انهي جي ڪهڙي نشاني آهي؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan