Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 37 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حزقياہ بادشاهہ اها خبر ٻڌي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو،

2 ۽ محلات جي ناظر الياقيم، ۽ شبناہ منشيءَ، ۽ ڪاهنن جي بزرگن کي کٿا ڍڪائي، آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليائين.

3 ۽ انهن هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو فرمائي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت، ۽ ملامت، ۽ نفرت جو ڏينهن آهي؛ ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آهن، پر ڄڻڻ جي طاقت ڪانهي.

4 شايد خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس مالڪ اسور جي بادشاهہ، جيئري خدا جي گلا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌايون آهن، تن لاءِ هو ملامت ڪري: تنهن ڪري جيڪي باقي بچيا آهن، تن لاءِ تون دعا گهر.

5 تڏهن حزقياہ بادشاهہ جا ملازم يسعياہ وٽ آيا.

6 ۽ يسعياہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي مالڪ کي چئجو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي ڳالهيون تو ٻڌيون آهن، ۽ جن سان اسور جي بادشاهہ جي نوڪرن مون لاءِ ڪفر بڪيو آهي، تن کان تون متان ڊڄين.

7 ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙي افواہ ٻڌي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي سندس ملڪ ۾ ترار سان مارائي ڇڏيندس.

8 تڏهن ربشاقي موٽي ويو، ۽ اسور جي بادشاهہ کي لبناہ سان وڙهندو ڏٺائين: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان هليو ويو آهي.

9 ۽ هن حبش جي بادشاهہ ترهاقہ بابت ٻڌو تہ هو وڙهڻ لاءِ آيو آهي. ۽ جڏهن اها خبر ٻڌائين، تڏهن قاصدن جي هٿان حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليائين، تہ

10 اوهين يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ کي هيئن چئجو تہ، تنهنجو خدا جنهن تي تنهنجو ڀروسو آهي تنهن کان متان ٺڳجين، جو چوي ٿو تہ يروشلم اسور جي بادشاهہ جي هٿ ۾ نہ ڏنو ويندو.

11 ڏس، تو ٻڌو آهي تہ اسور جي بادشاهن سڀني ملڪن کي بلڪل برباد ڪري انهن جو ڪهڙو حال ڪيو آهي: سو تون ڪو ڇڏايو ويندين ڇا؟

12 جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن برباد ڪيو آهي، يعني جوزان، حاران، رصف، ۽ بني عدن، جي تلسار ۾ هئا، تن کي ڪو انهن جي معبودن ڇڏايو آهي ڇا؟

13 حمات جو بادشاهہ، ۽ ارفاد جو بادشاهہ، سفروائيم شهر جو بادشاهہ، ۽ هينع ۽ عواہ جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟

14 ۽ حزقياہ قاصدن جي هٿان اُهو خط ورتو ۽ پڙهيائين: ۽ حزقياہ خداوند جي گهر ۾ وڃي، اهو خداوند جي اڳيان کولي رکيو.

15 ۽ حزقياہ خداوند کان دعا گهري، ۽ چيائين تہ

16 اي لشڪرن جا خداوند، اسرائيل جا خدا، تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين؛ تون ئي اڪيلو زمين جي سڀني بادشاهن جو خدا آهين؛ تو زمين ۽ آسمان جوڙيا آهن.

17 اي خداوند، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، اي خداوند پنهنجون اکيون کولي ڏس، ۽ سنحيرب جون هي سڀيئي ڳالهيون جي هن جيئري خداوند جي ملامت ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليون آهن سي ٻڌ.

18 اي خداوند، حقيقت ڪري اسور جي بادشاهن سڀني قومن ۽ انهن جي ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.

19 ۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلايو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ هئا؛ تنهن ڪري هنن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو.

20 تنهن ڪري هاڻي اي خداوند اسان جا خدا، تون اسان کي هن جي هٿ کان بچاءِ، تہ زمين جون سڀ بادشاهتون ڄاڻن، تہ رڳو تون ئي اڪيلو خداوند آهين.

21 تڏهن آموص جي پٽ يسعياہ، حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليو، تہ خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن تو اسور جي بادشاهہ سنحيرب جي برخلاف دعا گهري آهي،

22 تڏهن خداوند انهي جي بابت هيئن ٿو فرمائي: تہ صيون جي ڪنواري ڌيءَ تنهنجي حقارت ڪئي آهي ۽ توتي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ توتي پنهنجو مٿو لوڏيو آهي.

23 تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!

24 تو پنهنجن نوڪرن جي هٿان خدا جي ملامت ڪئي آهي، ۽ چيو اٿيئي تہ آءٌ پنهنجين گهڻين جنگي گاڏين سان جبلن جي چوٽيءَ تي، لبنان جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ آيو آهيان؛ آءٌ هن جا ڊگها ديودار ۽ عمدا صنوبر جا وڻ وڍي ڇڏيندس: ۽ آءٌ هن جي ڏورانهين چوٽيءَ تي ۽ هن جي آباد ٻنيءَ ۾ گهڙندس.

25 مون کوٽيو آهي ۽ پاڻي پيتو اٿم، ۽ آءٌ پنهنجن پيرن جي ترين سان مصر جون سڀ نديون سڪائي ڇڏيندس.

26 تو ٻڌو نہ آهي ڇا تہ اڳوڻي وقت ۾ مون ڇا ڪيو، ۽ قديم زماني ۾ انهي جي رٿ ڪري ڇڏي اٿم؟ هاڻي مون اها پوري ڪئي آهي، تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويرانيءَ جا ڍڳ ڪرين.

27 تنهن ڪري انهن جا رهاڪو ڪمزور ٿيا، اهي ڊڄي ۽ منجهي ويا؛ جهنگ جي گاهہ جهڙا، ۽ ساون ٻوٽن جهڙا، ۽ ڇتين تي بيٺل گاهہ جهڙا، ۽ اُڀرڻ کان اڳي (ڪومايل) پوک جهڙا ٿيا.

28 پر مون کي تنهنجي ويهڻ، ۽ تنهنجي اچڻ وڃڻ، ۽ مون تي ڪاوڙجڻ جي خبر آهي.

29 تون مون تي ڪاوڙيو آهين، ۽ تنهنجي بي ادبي منهنجن ڪنن تائين پهتي آهي؛ تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ وجهندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجي وات ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي تون آيو آهين تنهن رستي توکي پٺ تي موٽائيندس.

30 ۽ تو لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ هن سال اوهين اهو کائيندا، جو پاڻيهي اُڀرندو، ۽ ٻئي سال اهو کائيندا جو انهي جي پاڙ مان ڦٽندو، ٽئين سال اوهين پوکجو ۽ لڻجو؛ ڊاک جا منهہ ٺاهجو ۽ انجو ميوو کائجو.

31 ۽ يهوداہ جي گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا سي وري هيٺ پاڙ هڻندا ۽ مٿي ڦر جهليندا.

32 ڇالاءِ جو باقي بچيل يروشلم مان ۽ ڇٽي ڀڳل صيون جبل مان ايندا، ۽ خداوند جي غيرت جي وسيلي ائين ٿيندو.

33 سو خداوند اسور جي بادشاهہ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو هن شهر ۾ ڪين ايندو، نڪي هن تي تير هڻندو، نڪي ڍال کڻي هنجي اڳيان ايندو، نڪي هن جي سامهون ڪو بند ٻڌندو.

34 جنهن رستي کان هو آيو هوندو تنهن ساڳئي رستي کان هو موٽي ويندو، ۽ هن شهر ۾ هو ڪين ايندو، خداوند ائين ٿو فرمائي.

35 ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.

36 ۽ خداوند جي فرشتي اسورين جي لشڪر گاهہ ۾ وڃي هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريا ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ سڀيئي مئا مڙهہ ٿيا پيا آهن.

37 تنهن ڪري اسورين جو بادشاهہ سنحيرب ڪوچ ڪري موٽي ويو، ۽ نينوہ ۾ وڃي رهيو.

38 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي مندر ۾ پوڄا پئي ڪئي، تڏهن سندس پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس ترار سان قتل ڪري ڇڏيو: ۽ پاڻ اراراط جي ملڪ ۾ ڀڄي ويا. پوءِ هن جو پٽ اسرحدون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan