يسعياہ 36 - Sindhi Bible1 هاڻي حزقياہ بادشاهہ جي حڪومت جي چوڏهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو، تہ اسور جو بادشاهہ سنحيرب، يهوداهہ جي سڀني قلعي وارن شهرن تي چڙهي آيو ۽ اهي ورتائين. 2 ۽ اسور جي بادشاهہ، ربشاقيءَ کي لڪيس مان هڪڙي وڏي لشڪر سان، حزقياہ بادشاهہ وٽ يروشلم ڏانهن موڪليو، ۽ هو ميٽ جي کاڻ واري شاهي رستي تي مٿئين تلاءَ جي موريءَ وٽ اچي بيٺو. 3 تڏهن خلقياہ جو پٽ الياقم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي نڪري وٽس آيا. 4 ۽ ربشاقيءَ هنن کي چيو تہ هاڻي اوهين حزقياہ کي هيئن چئو، تہ شاهہ عظيم، يعني اسور جو بادشاهہ ٿو چوي تہ تون ڪهڙي اميد تي ڀروسو ٿو رکين؟ 5 آءٌ چوان ٿو تہ تنهنجي مشورت ۽ جنگ جي طاقت سڀ وات جون ڳالهيون آهن: آخر ڪنهن جي ڀروسي تي تو مون سان فساد ڪيو آهي؟ 6 ڏس، تون انهي چٿيل ڪانهي جي لٺ تي، يعني مصر تي ڀروسو ٿو ڪرين، جنهن تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏئي تہ سندس هٿ ۾ گهڙي ونڌي ڇڏيس: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ انهن سڀني لاءِ هڪ اهڙو آهي، جي مٿس ڀروسو ٿا رکن. 7 پر جيڪڏهن تون مون کي چوندين تہ اسين خداوند پنهنجي خدا تي ڀروسو ٿا رکون، تہ هو اهو ناهي ڇا جنهن جا مٿانهان مڪان ۽ قربانگاهون حزقياہ ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو اٿس تہ اوهين هن ٻئي قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪريو؟ 8 تنهن ڪري هاڻي آءٌ توکي چوان ٿو تہ تون منهنجي مالڪ اسور جي بادشاهہ سان شرط ٻڌ، آءٌ توکي ٻہ هزار گهوڙا ڏيان ٿو، ۽ تون پنهنجي طرفان انهن تي سوار چاڙهي ڏيکار. 9 تڏهن ڪهڙيءَ طرح تون گاڏين ۽ گهوڙيسوارن لاءِ مصر تي ڀروسو رکي منهنجي مالڪ جي معمولي نوڪرن مان هڪڙي سردار جو منهن ڦيرائي سگهندين. 10 هاڻي بہ آءٌ خداوند جي چوڻ کان سواءِ هن ملڪ کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿس چڙهي آيو آهيان ڇا؟ خداوند مون کي چيو تہ هن ملڪ تي چڙهي وڃ ۽ انهي کي برباد ڪر. 11 تڏهن الياقيم، ۽ شبناہ، ۽ يوآخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اها سمجهون ٿا: پر جيڪي ماڻهو ڀت تي ويٺا آهن، تن جي ٻڌندين، اسان سان يهودين جي ٻوليءَ ۾ نہ ڳالهاءِ. 12 پر ربشاقيءَ چيو تہ منهنجي مالڪ مون کي هي ڳالهيون چوڻ لاءِ فقط تنهنجي مالڪ ڏانهن ۽ تو ڏانهن موڪليو آهي ڇا؟ هن مون کي هنن ماڻهن ڏانهن ڪونہ موڪليو آهي ڇا؛ جي ڀت تي ويٺا آهن، تہ هو تو سان گڏ پنهنجو گونهن کائين، ۽ پنهنجو پيشاب پيئن. 13 پوءِ ربشاقي اُٿي بيٺو، ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ، اوهين شاهہ عظيم، اسور جي بادشاهہ جون ڳالهيون ٻڌو. 14 بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ، حزقياہ کان ٺڳجي نہ وڃو؛ ڇالاءِ جو هو اوهان کي ڇڏائي نہ سگهندو. 15 نڪي حزقياہ جي چوڻ تي خداوند تي ڀروسو رکو، تہ خداوند اسان کي ضرور ڇڏائيندو، ۽ هي شهر اسور جي بادشاهہ جي حوالي نہ ڪيو ويندو. 16 حزقياہ جو چوڻ نہ ٻڌو، ڇو جو اسور جو بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مون سان صلح ڪريو ۽ مون ڏانهن هليا اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ جو ميوو کائي، ۽ هرڪو پنهنجي حوض جو پاڻي پيئي: 17 جيسين ڪہ آءٌ اچي اوهان کي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان جو اوهان جي ملڪ وانگي اَن ۽ شراب جو ملڪ، ۽ مانيءَ ۽ ڊاک جو ملڪ آهي. 18 سنڀالجو، متان حزقياہ هيئن چئي اوهان کي ٺڳي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو. غير قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ پنهنجو ملڪ اسور جي بادشاهہ جي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟ 19 حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفرائيم جو معبود ڪٿي آهي؟ انهن سامريہ کي منهنجي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟ 20 هنن ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪهڙن پنهنجو ملڪ منهنجي هٿان ڇڏايو آهي جو خداوند يروشلم کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو. 21 پر هو ماٺ ڪري بيٺا، ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪُڇيائون: ڇالاءِ جو بادشاهہ جو حڪم هو تہ هن کي جواب نہ ڏجو. 22 تنهن کان پوءِ خلقياہ جو پٽ الياقيم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي حزقياہ وٽ آيا، ۽ ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌايائونس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society