يسعياہ 35 - Sindhi Bible1 بيابان ۽ ويران پٽ سرهو ٿيندو؛ ۽ رڻ پٽ خوشي ڪندو، ۽ گلاب وانگي گل ڪندو. 2 هو بي انداز گل ڪندو، ۽ هو خوشيءَ سان گيت ڳائي سرهو ٿيندو؛ لبنان جو شان، ۽ ڪرمل ۽ شارون جي سرفرازي هن کي ڏني ويندي: اهي خداوند جو جلال ۽ اسان جي خدا جي سرفرازي ڏسندا. 3 اوهين ڪمزور هٿن کي زور وارا ڪريو، ۽ نستا گوڏا مضبوط ڪريو. 4 جيڪي ڊڄڻيءَ دل وارا آهن، تن کي چئو تہ مضبوط ٿيو، ۽ ڊڄو نہ: ڏسو، اوهان جو خدا وير وٺڻ لاءِ ۽ بدلو ڏيڻ لاءِ ايندو؛ هو اچي اوهان کي بچائيندو. 5 تڏهن انڌن جون اکيون کلنديون، ۽ ٻوڙن جا ڪن کوليا ويندا. 6 تڏهن منڊو ماڻهو هرڻ وانگي ٽپندو، ۽ گونگي جي زبان ڳائڻ لڳندي: ڇالاءِ جو بيابان ۾ پاڻي، ۽ رڻ پٽ ۾ چشما ڦاٽي نڪرندا. 7 ۽ رڃ بدلجي ڍنڍ ٿي پوندي، ۽ اُڃايل زمين پاڻيءَ جا چشما ٿيندي، ۽ گدڙن جي سمهڻ جي جاءِ ۾ گاهہ سان گڏ ڪانا ۽ ڪنگور اُڀرندا. 8 اُتي هڪڙو شاهي رستو جاري ٿيندو، هڪڙو رستو جو پاڪيزگيءَ جو رستو سڏجڻ ۾ ايندو؛ ڪوبہ ناپاڪ انهيءَ تان نہ لنگهندو؛ پر اهو انهن مسافرن جي لاءِ ٿيندو، هائو، بي عقل بہ انهي تي نہ ڀلبا. 9 اتي شينهن ڪونہ هوندو ۽ نہ ڪو ڦاڙيندڙ جانور انهيءَ تي چڙهي ويندو، اهي اتي نہ لڀندا؛ پر جيڪي ڇڏايا ويا آهن سي اتي هلندا. 10 خداوند جا خريد ڪيل موٽندا، ۽ ڳائيندا صيون ۾ ايندا: ۽ انهن جي مٿن تي هميشہ جي خوشي هوندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، ۽ غم ۽ ماتم ڪونہ رهندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society