Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 32 - Sindhi Bible

1 ڏسو، هڪڙو بادشاهہ راستبازيءَ سان بادشاهي ڪندو، ۽ سردار عدالت سان حڪومت ڪندا.

2 هڪڙو ماڻهو واءُ کان لڪڻ جي جاءِ، ۽ طوفان کان پناهہ وانگيان ٿيندو؛ سڪيءَ زمين ۾ پاڻيءَ جي ندين وانگي، ۽ ماندائيءَ واري ملڪ ۾ وڏي ٽڪر جي ڇانوَ وانگي ٿيندو.

3 ۽ ڏسندڙن جي اکين ۾ ڌنڌ ڪونہ ٿيندو، ۽ جيڪي ٻڌندا سي اونائيندا.

4 تڪڙن جي دل علم کي سمجهندي، ۽ هڪڙن جي زبان صاف ڳالهائيندي.

5 تڏهن ڪميڻو ماڻهو اڳتي سخي نہ سڏبو، نڪي اناڙي سخي سڏجڻ ۾ ايندو.

6 ڇالاءِ جو ڪميڻو ماڻهو ڪميڻائيءَ جون ڳالهيون ڪندو ۽ انهي جي دل بڇڙائيءَ جا خيال ڪندي، جو هو بي دينيءَ جهڙي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي برخلاف ڪوڙ چوندو، تہ بکئي جي جان خالي رهي، ۽ اُڃايل کي پاڻي نہ ملي.

7 اناڙيءَ جا هٿيار بہ بڇڙا آهن: هو بڇڙائيءَ جون رٿون ٿو رٿي، تہ جڏهن محتاج سچ ڳالهائي، تڏهن بہ ڪوڙين ڳالهين سان کيس برباد ڪري.

8 پر سخي سخاوت جون رٿون ٿو رٿي؛ ۽ هو سخاوت جا ڪم ڪندو رهندو.

9 اي آرام طلب زالون اوهين اُٿي منهنجو آواز ٻڌو؛ اي بي پرواهہ ڌيئرون منهنجون ڳالهيون ڪن ڏيئي ٻڌو.

10 اي بي پرواهہ زالون، سال کان پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ اوهان کي تڪليف رسندي: ڇالاءِ جو ڊاک جو فصل چٽ ٿي ويندو، ۽ ميوي گڏ ڪرڻ جو موقعو ڪونہ ايندو.

11 اي آرام طلب زالون اوهين ڏڪو؛ اي بي پرواهہ، اوهين ڏک ڪريو: ڪپڙا لاهي اُگهاڙيون ٿيو، ۽ پنهنجيءَ چيلهہ سان کٿو ٻڌو.

12 هو دلپسند ٻنين، ۽ ڦلدار ڊاک لاءِ پنهنجي ڇاتي ڪُٽينديون.

13 منهنجيءَ اُمت جي زمين تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا؛ هائو، خوش وقت شهر جي سڀني خوشيءَ سان ڀريل گهرن ۾ بہ اهي نڪرندا.

14 ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛

15 جيسين ڪ مٿان اسان تي روح نازل ٿئي، ۽ بيابان آباد ٻني ٿي پوي، ۽ آباد ٻني ٻيلي وانگر شمار ٿئي.

16 تڏهن عدالت بيابان ۾ رهندي، ۽ راستبازي آباد ٻنيءَ ۾ وسندي.

17 ۽ راستبازيءَ جو ڪم سلامتي ٿيندو، ۽ راستبازيءَ جو نتيجو هميشہ لاءِ آرام ۽ تسلي ٿيندو.

18 ۽ منهنجي اُمت سلامتيءَ واري گهر ۾، بي خوف، آرام ۽ فرحت جي جاين ۾ رهندي.

19 پر ٻيلي جي برباديءَ وقت ڳڙا وسندا؛ ۽ شهر بلڪل ڊهي ويندو.

20 اوهين جي نهرن جي ڀرسان پوک ٿا ڪريو، ۽ ڏاندن ۽ گڏهن کي اوڏانهن ٿا موڪليو، سي مبارڪ آهيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan