Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 31 - Sindhi Bible

1 انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!

2 پر هو بہ سياڻو آهي، ۽ مصيبت آڻيندو، ۽ پنهنجو ڪلام رد نہ ڪندو: پر بدڪارن جي گهراڻي تي ۽ خطاڪارن جي مددگارن تي چڙهي ايندو.

3 مصري انسان آهن، ۽ خدا نہ آهن؛ انهن جا گهوڙا گوشت آهن ۽ روح نہ آهن: جڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيريندو، تڏهن جيڪو مدد ٿو ڪري سو ٿاٻڙندو، ۽ جنهن کي مدد ٿي ملي سو ڪِرندو، ۽ اهي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.

4 ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ جڏهن شينهن يا سندس ٻچو پنهنجي شڪار تي گوڙ ٿو ڪري، تڏهن جي ڌنارن جي ٽولي انهن سان وڙهڻ جي لاءِ سڏبي تہ انهن جي هل تي هو ڊڄي ڪونہ ويندو، نڪي انهن جي آواز تي دهلجي ويندو: تيئن لشڪرن جو خداوند صيون جبل تي انهيءَ جي ٽڪريءَ تي وڙهڻ لاءِ لهي ايندو.

5 اُڏامندڙ پکين وانگي، لشڪرن جو خداوند يروشلم کي بچائيندو؛ هو انهي کي بچائيندو ۽ ڇڏائيندو، ۽ اُنهي تي چشم پوشي ڪندو ۽ کيس قائم رکندو.

6 اي بني اسرائيل اوهين انهي ڏانهن ڦرو، جنهن سان اوهان سخت بغاوت ڪئي آهي.

7 ڇالاءِ جو انهي ڏينهن سڀڪو ماڻهو پنهنجون چانديءَ ۽ سون جون مورتون، جي اوهان جن هٿن گناهہ ڪرڻ لاءِ جوڙيون آهن، سي اُڇلائي ڇڏيندو.

8 تڏهن اسوري انهيءَ ترار سان ڪِرندا جا انسان جي نہ آهي؛ ۽ اُها ترار جا انسان جي نہ آهي سا هن کي کائي ويندي؛ هو ترار کان ڀڄندو، ۽ هن جا ماڻهو ڍل ڀرو ٿيندا.

9 هن جو ٽڪر خوف جي ڪري پنهنجيءَ جاءِ تان لنگهي ويندو، ۽ هن جا سردار جهنڊي کان ڊڄي ويندا؛ خداوند فرمايو آهي، جنهن جي باهہ صيون ۾، ۽ کورو يروشلم ۾ آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan