Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 3 - Sindhi Bible

1 ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند، لشڪرن جو خداوند، يروشلم ۽ يهوداهہ مان سهارو ۽ ٽيڪ، ۽ مانيءَ جي ۽ پاڻيءَ جي اميد کڻي وٺندو؛

2 يعني پهلوان ۽ جنگي مرد؛ قاضي ۽ نبي، فال وجهڻ وارو ۽ ڪهن سال؛

3 پنجاهہ جو سردار، ۽ عزت وارو ماڻهو، ۽ مشير ۽ استاد ڪاريگر، ۽ جادوگر.

4 ۽ آءٌ ٻارن کي انهن جا سردار ڪندس، ۽ ننڍڙا ٻار انهن تي حڪومت ڪندا.

5 ۽ ماڻهن مان هڪڙو ٻئي تي ظلم ڪندو، يعني هڪڙو پاڙيسري ٻئي تي: ٻار ٻڍي سان مغروري جي هلت ڪندو ۽ ڪميڻو شريف سان.

6 جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي اباڻي گهر ۾ پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ توکي ڪپڙا آهن، تون اچي اسان جو حاڪم ٿيءُ؛ ڀلي تہ هي اُجاڙ ملڪ تنهنجي هٿ هيٺ اچي:

7 انهي ڏينهن هو وڏي سڏ چوندو تہ آءٌ مشير ٿيڻ نہ ٿو گهران، ڇالاءِ جو منهنجي گهر ۾ نڪا ماني آهي نڪو ڪپڙو: اوهين مون کي قوم جو حاڪم نہ ڪريو.

8 ڇالاءِ جو يروشلم فنا ٿي ويو آهي، ۽ يهوداهہ ڪري پيو آهي، ڇالاءِ جو سندن زبان ۽ سندس ڪم خداوند جي برخلاف آهن، ۽ هو هن جي جلال جي اکين کي ڪاوڙائين ٿا.

9 هنن جي چهري جو ڏيک هنن تي شاهدي ٿو ڏئي؛ ۽ هو سدوم وانگي پنهنجو گناهہ ظاهر ڪري ٻڌائين ٿا ۽ لڪائين نٿا. افسوس آهي هنن جي روح تي: ڇالاءِ جو هنن پاڻ پنهنجي سر تي خرابي آندي آهي.

10 اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو.

11 ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.

12 باقي منهنجي قوم تي ٻار ظلم ڪندا، ۽ زالون انهن تي حڪم هلائينديون. اي منهنجي قوم، جيڪي تنهنجا سردار آهن، سي توکي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجن واٽن جو رستو گم ڪري ٿا ڇڏين.

13 خداوند قومن جي پاران حجت دليل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ بيهي ٿو.

14 خداوند پنهنجي قوم جي بزرگن جي، ۽ انهن جي اميرن جي عدالت ڪندو. خداوند، لشڪرن جو خداوند، فرمائي ٿو تہ اهي اوهين آهيو جن ڊاک جو منهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي؛ غريبن جو لٽ جو مال اوهان جن گهرن ۾ آهي:

15 اوهين ڇو منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن جي منهن کي پيهو ٿا؟

16 هيترو بہ وڌيڪ خداوند فرمايو، ڇالاءِ تہ صيون جون ڌيئرون مغرور آهن، ۽ ڳچيون ڊگهيون ڪري شوخ چشم ٿي هلن ٿيون، ۽ هلندي ناز نخرا ٿيون ڪن ۽ پيرن سان گهنگهرو ٿيون وڄائن:

17 تنهن ڪري خداوند صيون جي ڌيئن جا مٿا گنجا ۽ سندن بدن اُگهاڙا ڪندو.

18 انهي ڏينهن خداوند انهن جي نورن ۽ ڄارين ۽ نئين چنڊ جهڙن زيورن جي بي حيائي ڪڍي ڇڏيندو؛

19 يعني پنڙا ۽ ڪنگڻ ۽ روبند،

20 تاج ۽ توڙا، ڪمر بند ۽ عطر دانيون ۽ تعويذ؛

21 منڊيون ۽ نٿون؛

22 عيد جون پوشاڪون ۽ پهراڻ، شالون ۽ ٿيلهيون

23 هٿ ۾ کڻڻ جون آرسيون، ۽ سنهو سوٽي ڪپڙو، سربند ۽ برقعا.

24 ۽ هيئن ٿيندو تہ خوشبودار مصالحن جي عيوض گندگي ٿيندي؛ ۽ ڪمر بند جي عيوض رسو ٿيندو؛ ۽ سينگاريل وارن جي عيوض گنجائي؛ ۽ سينہ بند جي عيوض کٿو ٿيندا: سونهن جي عيوض ڏنڀ.

25 تنهنجا ماڻهو ترار سان ڪرندا، ۽ تنهنجا پهلوان جنگ ۾ ڪرندا.

26 ۽ بازارن ۾ رئندا ۽ پِٽيندا؛ ۽ هوءَ سُڃي سکڻي ٿي زمين تي ويهندي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan