Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 27 - Sindhi Bible

1 انهي ڏينهن خداوند پنهنجي سخت، ۽ وڏيءَ، ۽ مضبوط ترار سان ازدها، يعني تکي نانگ کي، ۽ انهي ازدها، يعني ڏنگي نانگ کي، سزا ڏيندو؛ ۽ هو انهيءَ ازدها کي قتل ڪندو جو سمنڊ ۾ آهي.

2 انهي ڏينهن اوهين ڊاک جي منهہ جي ساراهہ جو گيت ڳائجو.

3 آءٌ خداوند انهي جي سنڀال ڪريان ٿو، آءٌ هردم انهي کي پاڻي ڏيندس، آءٌ رات ڏينهن انهي جي سنڀال ڪندس، متان ڪو انهي کي نقصان پهچائي.

4 مون ۾ ڪاوڙ ڪانهي، جنگ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا منهنجي برخلاف هجن ها تہ آءٌ انهن تي ڪاهہ ڪريان ها، ۽ سڀني کي گڏ ساڙي ڇڏيان ها.

5 يا جي هو منهنجي طاقت جي آسري هيٺ اچي، تہ مون سان، هائو، ڀلي تہ هو مون سان، صلح ڪري.

6 ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب پاڙ هڻندو؛ ۽ اسرائيل ٻور جهليندو، ۽ گل ڪندو: اهي ساري دنيا ميون سان ڀري ڇڏيندا.

7 جيئن هن پنهنجي ماريندڙن کي ماريو هو تيئن انهي کين ماريو آهي ڇا؟ يا جيئن هن قتل ڪيو هو تيئن هو قتل ٿيو آهي ڇا؟

8 جڏهن تو هن کي ڪڍيو، تڏهن تو انصاف سان ساڻس حجت ڪئي؛ اُڀرندي واري واءُ جي ڏينهن هن پنهنجي سخت طوفان سان انهي کي ڪڍي ڇڏيو آهي.

9 انهي جي ڪري يعقوب جي خطا ميٽجي ويندي، ۽ اهو سڀ هن جي گناهہ ميٽجڻ جو نتيجو آهي: جڏهن هو قربانگاهہ جا سڀ پٿر چن جي نرم ڳنڍن جهڙا ٿو ڪري، جي ڀڄي ڀري ٿا وڃن، تڏهن اتي يسيرتون ۽ سج جون مورتون وري قائم نہ ٿينديون.

10 ڇالاءِ جو ڪوٽ وارو شهر خالي آهي، ۽ رهڻ جو هنڌ بيابان جهڙو ويران ۽ سڃو آهي: اتي گابو چرندو، ۽ اتي ئي سمهي رهندو، ۽ انهي جون ٽاريون کائي کپائيندو.

11 جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.

12 ۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند فرات نديءَ جي اُٿل کان وٺي مصر جي نهر تائين، انهي جو ڦر سٽي ڇاڻي ڇڏيندو، ۽ اي بني اسرائيل اوهين هڪڙو هڪڙو ڪري گڏ ڪيا ويندا.

13 ۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan