Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 24 - Sindhi Bible

1 ڏسو، خداوند زمين خالي ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کي ويران ٿو ڪري، ۽ اُٿلائي اونڌو ٿو ڪريس، ۽ ان جي رهاڪن کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏي ٿو.

2 ۽ جهڙو ماڻهن جو حال ٿيندو تهڙو ڪاهن جو؛ جهڙو نوڪر جو تهڙو ڌڻيءَ جو؛ جهڙو ٻانهيءَ جو تهڙو سانئڻ جو؛ جهڙو خريدار جو تهڙو وڪڻندڙ جو؛ جهڙو اُڌاري ڏيندڙ جو تهڙو اُڌاري وٺندڙ جو؛ جهڙو وياج وٺندڙ جو تهڙو وياج ڏيندڙ جو.

3 زمين بلڪل خالي ٿي ويندي ۽ بلڪل لٽجي ڦرجي وڃي ٿي، ڇالاءِ جو خدا اهڙو ڪلام ڪيو آهي.

4 زمين ماتم ڪري ٿي ۽ ڪومائجي وڃي ٿي، دنيا ملول ٿئي ٿي ۽ ڪومائجي وڃي ٿي، ۽ زمين جا اعليٰ درجي وارا ماڻهو زبون ٿين ٿا.

5 زمين سندس رهاڪن ڪري پليت ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هو شريعت جون حدون لنگهي ويا آهن، ۽ قانون بدلايو اٿن، ۽ دائمي عهد اقرار ڀڳو اٿن.

6 تنهن ڪري لعنت زمين کي ڳهي وئي آهي، ۽ جيڪي ان تي رهن ٿا سي ڏوهاري سمجهيا ويا آهن: انهيءَ ڪري زمين جا رهاڪو سڙي ويا آهن، ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن.

7 نئون شراب غمگين آهي، ڊاک جو منهہ ملول آهي، سڀ خوشدل ماڻهو ٿڌا ساهہ کڻن ٿا.

8 ڍولڪن جي خوشي بند ٿئي ٿي، خوشي ڪندڙ جو آواز پورو ٿئي ٿو، ۽ بربط جي خوشي بند ٿئي ٿي.

9 هو راڳ سان شراب نہ پيئندا؛ نشي پيئڻ وارن کي نشو ڪَڙو لڳندو.

10 وڏو شهر ڀڄي ڪري پيو آهي: سڀ گهر بند ٿي ويا آهن، تہ ڪوبہ ماڻهو اندر نہ اچي.

11 شراب جي ڪري گهٽين ۾ رڙ مچي وئي آهي؛ سڀ خوشي اوندهہ ٿي وئي آهي، زمين جي سرهائي گم ٿي وئي آهي.

12 شهر ۾ ويراني وڃي بچي آهي، ۽ دروازو ڀڄي ناس ٿي ويو آهي.

13 ڇالاءِ جو زمين جي وچ ۾ قومن جو حال اهڙو ٿيندو جهڙو ڇنڊڻ کان پوءِ زيتون جو وڻ جو، يا جهڙو ڊاک چوندي گڏ ڪرڻ کان پوءِ منهہ جو.

14 اُهي وڏو آواز ڪندا، هو رڙيون ڪندا؛ خداوند جي جلال لاءِ هو سمنڊ کان وڏي سڏ پڪاريندا.

15 تنهن ڪري اوهين اُڀرندي ۾ خداوند جي، بلڪ سمنڊ جي ٻيٽن ۾ خداوند، اسرائيل جي خدا جي نالي جي وڏائي بيان ڪريو.

16 زمين جي تمام پرانهين ڀاڱي کان اسان راڳ ٻڌا آهن، سچي جي لاءِ وڏائي آهي. پر مون چيو تہ آءٌ ڳرندو وڃان، آءٌ ڳرندو وڃان، افسوس آهي منهنجي حال تي! دغابازي ڪندڙن دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، هائو، دغابازي ڪندڙن تمام دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي.

17 اي زمين جا رهاڪو ڊپ ۽ پاتال ۽ ڦانڌو توتي آهن.

18 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ڊپ جي آواز کان ڀڄندو سو پاتال ۾ پوندو؛ ۽ جيڪو پاتال منجهان نڪري ٻاهر ايندو سو ڦندي ۾ ڦاسايو ويندو: ڇالاءِ جو مٿان جون دريون کليون آهن، ۽ زمين جا بنياد لڏن ٿا.

19 زمين بلڪل ڀڄي پئي آهي، زمين اصل زبون ٿي وئي آهي، زمين تمام گهڻي ڏڪي وئي آهي.

20 زمين نشئي ماڻهوءَ وانگي آٿڙندي، ۽ ڀُنگيءَ وانگي هيڏي هوڏي لڏندي ۽ ان جو گناهہ مٿس ڳرو ٿيندو، ۽ اها اهڙي ڪرندي جو وري نہ اُٿندي.

21 ۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند مٿي، مٿانهن جي لشڪر کي، ۽ هيٺ زمين تي، زمين جي بادشاهن کي سزا ڏيندو.

22 ۽ هو ائين گڏ ڪيا ويندا جيئن قيدي بهري ۾ گڏ ڪبا آهن، ۽ قيدخاني ۾ بند ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ گهڻن ڏينهن کان پوءِ انهن جي خبر لهندا.

23 انهي وقت چنڊ لڄي ٿيندو، ۽ سج شرمندو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند صيون جبل ۾، ۽ يروشلم ۾، ۽ پنهنجي بزرگن جي اڳيان تجمل سان بادشاهي ڪندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan