Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 21 - Sindhi Bible

1 سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.

2 هڪڙو ڏک جهڙو رويا مون کي ڏيکاريو ويو آهي؛ دغاباز واپاري، دغابازيءَ سان واپار ڪري ٿو، ۽ لٽ ڪرڻ وارو لٽي ٿو. اي عيلام مٿي وڃ؛ اي مادي گهيرو ڪر، مون هن جون سڀ آهون بند ڪري ڇڏيون آهن

3 تنهن ڪري منهنجي ڪمر درد سان ڀريل آهي؛ جيئن ويامندڙ زال کي سور ٿيندا آهن، تيئن مون کي سورن اچي ورايو آهي: مون کي ايترو سور آهي جو آءٌ ٻڌي نٿو سگهان؛ آءٌ اهڙو ڊڄي ويو آهيان جو ڏسي نٿو سگهان.

4 منهنجي دل سهڪي ٿي، خوف مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي: شام جي شفق، جنهن جي مون کي خواهش هوندي هئي، سا منهنجي لاءِ بدلجي ڏڪڻي ٿي پيئي آهي.

5 هو دسترخانو وڇائين ٿا، هو پهرو بيهارين ٿا، هو کائين ٿا، هو پيئن ٿا: اي شهزادا، اوهين اُٿو ۽ سپر کي تيل مکيو.

6 ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ وڃ، وڃي ڪو پهري وارو بيهار؛ جيڪي هو ڏسي سو هو ڀلي ظاهر ڪري:

7 ۽ جڏهن هو ڪو لشڪر، يا گهوڙيسوارن جا جوڙا، يا گڏهن جي ٽولي، يا اُٺن جو ميڙ ڏسي تڏهن ڌيان سان ٻڌندو.

8 ۽ هن شينهن وانگي رڙ ڪئي: تہ اي خداوند، آءٌ سڄو ڏينهن پهري واري ٺلهہ تي بيٺو ئي بيٺو آهيان، ۽ پهرو ڏيندي سڄيون راتيون ڪاٽيون اٿم:

9 ۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.

10 اڙي تون، جو منهنجو ڳاهہ ۽ منهنجي پڙ جو اَنُ آهين: جيڪي مون لشڪرن جي خداوند، اسرائيل جي خدا کان ٻڌو آهي، سو مون اوهان کي ٻڌايو آهي.

11 ادوم بابت ڪلام. شعير مان ڪو مون کي سڏي چوي ٿو تہ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟

12 پهري واري چيو تہ صبح اچي ٿو، ۽ رات بہ: جي اوهان کي پڇڻو آهي تہ پڇو: ۽ ڦري اچو.

13 عرب بابت ڪلام. اي دوان جا قافلا، اوهين عرب جي ٻيلي ۾ ٽڪندا.

14 جيڪو اُڃيو هو تنهن کي پاڻي آڻي ڏنائون؛ تيما جي ملڪ جا رهاڪو ڀڳلن کي مانيءَ سان اچي گڏيا.

15 ڇالاءِ جو هو ترارين کان، اُگهاڙين ترارين کان، ۽ موڙيل ڪمان کان، ۽ جنگ جي سختيءَ کان اُٿي ڀڳا هئا.

16 ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي تہ هڪ سال اندر، مزورن جي سالن جي موجب، قيدار جي سڀ وڏائي گم ٿي ويندي:

17 ۽ تيراندازن جي شمار مان باقي رهيل مرد يعني قيدار جي اولاد مان بهادر ٿورا ٿيندا: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جي خدا ائين فرمايو آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan