Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 20 - Sindhi Bible

1 جنهن سال ۾ اسور جي بادشاهہ سرجون ترتان کي اشدود ۾ موڪليو هو ۽ هو اشدود سان وڙهيو ۽ اهو ورتائين؛

2 تنهن وقت خداوند يسعياہ بن آموص جي معرفت هيئن فرمايو تہ وڃي پنهنجي چيلهہ تان کٿو لاهہ، ۽ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ۽ هن ائين ڪيو، ۽ اگهاڙو ٿي پيرين اگهاڙو هليو.

3 ۽ خداوند فرمايو تہ جيئن منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن ورهين تائين اُگهاڙو ٿي، پيرين اُگهاڙو هليو آهي، تہ مصر ۽ ڪوش جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت ٿئي؛

4 تيئن اسور جو بادشاهہ مصر جا قيدي ۽ ڪوش جا جلاوطن، ننڍا توڙي وڏا، اُگهاڙا ڪري ۽ پيرين اُگهاڙا، ۽ اڻ ڍڪلين ٻنڊڙن سان وٺي ويندو، جنهن ڪري مصر جي خواري ٿيندي.

5 ۽ هو ڊڄي ويندا، ۽ شرمندا ٿيندا، ڇالاءِ جو ڪوش کي پنهنجي اُميد جي جاءِ، ۽ مصر کي پنهنجو فخر ٿي سمجهيائون.

6 ۽ انهيءَ ڪناري واري زمين جو رهاڪو چوندو تہ ڏسو جنهن زمين کي اسين اميد گاهہ سمجهي مدد لاءِ ان ڏي ڀڳاسين، تہ اسان کي اسور جي بادشاهہ کان ڇڏائي. تنهنجو هي حال آهي: پوءِ اسين ڪيئن ڀڄي ڇُٽنداسين؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan