يسعياہ 2 - Sindhi Bible1 جيڪو ڪلام يسعياہ بن آموص يهوداہ ۽ يروشلم جي نسبت ۾ ڏٺو. 2 ۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ خداوند جي گهر وارو جبل، جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيندو، ۽ ٽڪرين کان مٿي ڪيو ويندو، ۽ سڀ قومون ڏانهس ڊوڙنديون. 3 ۽ گهڻيون قومون وينديون ۽ چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل ڏانهن، يعني يعقوب جي خدا جي گهر ڏانهن هلون؛ ۽ هو اسان کي پنهنجا رستا سيکاريندو، ۽ اسين انهي جي واٽن تي هلنداسين: ڇالاءِ جو صيون مان شريعت ۽ يروشلم مان خداوند جو ڪلام ظاهر ٿيندو. 4 ۽ اهو قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، ۽ گهڻن ماڻهن کي ڇينڀيندو: ۽ اهي پنهنجون تراريون ڀڃي انهن مان هر ڦار ڪندا، ۽ پنهنجي نيزن مان انگڙا جوڙيندا: هڪڙي قوم ٻي قوم تي نہ ترار کڻندي، ۽ نہ اهي وري اڳتي جنگ سکندا. 5 اي يعقوب جا گهراڻا اوهين اچو تہ پاڻ خداوند جي روشنائي ۾ هلون. 6 ڇالاءِ جو تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جو گهراڻو، ڇڏي ڏنو آهي، جو اُهي اُڀرندي وارين رسمن سان ڀرجي ويا آهن، ۽ فلستين وانگر فالون وجهندڙ ٿيا آهن، ۽ ڌارين ماڻهن سان شرط لاءِ تاڙي ٿا هڻن. 7 هنن جو ملڪ چاندي، ۽ سون سان ڀرپور آهي، ۽ سندن خزانن جي پڄاڻي ڪانہ آهي؛ انهن جو ملڪ گهوڙن سان ڀريل آهي ۽ سندن گاڏين جي پڄاڻي ڪانهي. 8 انهن جو ملڪ بتن سان بہ ڀريل آهي، هو پنهنجن هٿن جي ڪم، جو سندن آڱرين جو جڙيل آهي، تنهن جي بندگي ٿا ڪن. 9 ذليل ماڻهو ڪنڌ جهڪائي ٿو، ۽ وڏو ماڻهو ذليل ٿئي ٿو: تنهن ڪري انهن کي معاف نہ ڪر. 10 خداوند جي خوف کان ۽ سندس وڏائي جي جلال کان ٽڪر ۾ گِهڙ، ۽ پاڻ کي مٽيءَ ۾ لڪاءِ. 11 انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو. 12 ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو: 13 ۽ لبنان جا سڀ ديودار جي وڏا ۽ مٿانهان آهن، ۽ بسن جي سڀني شاهہ بلوطن تي: 14 ۽ سڀني وڏن جبلن ۽ سڀني ٽڪرين تي؛ 15 ۽ هر ڪنهن اوچي ٺلهہ، ۽ هر ڪنهن ڪوٽ واريءَ ڀت تي؛ 16 ۽ ترسيس جي سڀني جهازن ۽ سڀني سهڻين مورتن تي. 17 ۽ انسان جي مغروري جهڪائي ويندي، ۽ ماڻهن جو هٺ هيٺ ڪيو ويندو: ۽ رڳو خداوند ئي انهي ڏينهن مٿانهون ٿيندو. 18 ۽ بت اصل فنا ٿي ويندا. 19 ۽ ماڻهو ٽڪرن جي غارن ۾، ۽ زمين جي چرن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائيءَ جي جلال کان وڃي لڪندا، جنهن وقت هو زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو. 20 انهي ڏينهن انسان پنهنجا چانديءَ جا بت، جي پوڄڻ واسطي پنهنجي لاءِ جوڙيا هئائين، سي ڇڇوندر ۽ چمڙن جي اڳيان اُڇلائي ڇڏيندو؛ 21 انهيءَ لاءِ تہ جڏهن خداوند زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو، تڏهن اهو ٽڪرن جي غارن ۾ ۽ ڏونگرن جي ڦاٽن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائي جي جلال کان وڃي لڪي. 22 انسان جنهن جي ناکوٽين ۾ پساهہ آهي، تنهن کان اوهين پاسو ڪريو: ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ ڪري هو ليکي ۾ ايندو؟ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society