Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 17 - Sindhi Bible

1 دمشق بابت ڪلام. ڏسو، دمشق شهر نہ رهندو پر سڃو ڦٽل ڍير ٿيندو.

2 عروعير جا شهر ويران ٿي ويا آهن؛ اهي ڌڻن جي لاءِ آهن، جي اتي سمهندا ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.

3 افرائيم ۾ ڪو ڪوٽ نہ رهندو، ۽ دمشق ۽ ارام جي باقي بچلين وٽ بہ بادشاهت نہ رهندي؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهن جو حال بہ اهڙو ٿيندو جهڙو بني اسرائيل جي جلال جو.

4 ۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يعقوب جي وڏائي گهٽ ڪئي ويندي، ۽ سندس چرٻي ۽ بدن ڏٻرا ٿي ويندا.

5 ۽ اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو لاهيارو، بيٺل ان گڏ ڪري، ۽ پنهنجي هٿ سان سنگ سنگ ڪري لڻي؛ هائو، اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو ماڻهو رفائيم جي واديءَ ۾ سنگ چونڊي گڏ ڪري.

6 انهيءَ هوندي بہ خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڪي داڻا انهن ۾ رهجي ويندا، جيئن ڪي زيتون جي وڻ ۾ رهندا آهن جڏهن ان کي ڌوڻبو آهي، ٻہ يا ٽي داڻا تمام مٿانهين ٽاريءَ جي چوٽيءَ تي، ۽ چار يا پنج ڦردار وڻ جي تمام ٻاهرين ٽارين ۾.

7 انهي ڏينهن انسان پنهنجي خالق ڏي نظر ڪندو، ۽ ان جون اکيون اسرائيل جي پاڪ خدا ڏانهن نهارينديون.

8 ۽ هو قربانگاهن ڏي نہ نهاريندو جي سندس هٿن جو ڪم آهن، نڪي هو انهيءَ شيءِ کي مان ڏيندو جا هن جي آڱرين جوڙي هوندي، پوءِ اهي آشريم هجن يا سج جون مورتون.

9 انهي ڏينهن هن جا مضبوط شهر، جهنگ ۾، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي ويران ڪيلن جاين جهڙا ٿيندا، جي بني اسرائيل جي اڳيان ويران ٿيا، ۽ اهي ويران رهندا.

10 ڇالاءِ جو تو پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت جي ٽڪر کي ياد نہ ڪيو اٿيئي؛ تنهن ڪري تون مزي جهڙا وڻ پوکين ٿو، ۽ عجيب قلمن سان انهي کي سينگارين ٿو:

11 وڻن رکڻ واري ڏينهن تون انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏين ٿو، ۽ صبح جو تون انهيءَ ۾ ٻور ٿو ڏسين؛ پر فصل جو ڏينهن ڏک ۽ سخت مصيبت جو ڍڳ ٿيندو.

12 هاءِ، گهڻين قومن جو گوڙ، جي سمنڊ جي گجڻ وانگي گجن ٿيون؛ ۽ گهڻين قومن جو جوش، جو زور واري پاڻيءَ جي وهڪري جهڙو آهي!

13 قومون گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري وانگي ڪاهي اينديون: پر هو انهن کي عتاب ڏيندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون، جيئن بُهہ واءُ جي اڳيان جبلن تي ۽ جيئن طوفان واچوڙي ۾ مٽيءَ کي اُڏائي.

14 شام جي وقت خوف آهي ۽ صبح کان اڳي اهي نابود ٿي ويندا. اهو انهن جو حصو آهي جي اسان کي لٽين ٿا، ۽ انهن جو جي اسان کي ڦرين ٿا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan