Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 16 - Sindhi Bible

1 سلع، جو بيابان جي پاسي آهي، تنهن کان وٺي صيون جي ڌيءَ جي جبل تائين اوهين انهيءَ زمين جي حاڪم لاءِ گهيٽا موڪليو.

2 ڇالاءِ جو موآب جون نديون ارنون جي لانگهن وٽ اهڙيون ٿينديون جهڙا گهمندڙ پکي، ۽ جهڙو پکيڙي ڇڏيل آکيرو.

3 صلاح ڏيو، انصاف ڪريو؛ ٻن پهرن وقت پنهنجو پاڇو رات جهڙو ڪريو: هڪالي ڪڍيلن کي لڪايو، گهمندڙن کي ظاهر نہ ڪريو.

4 ڀلي تہ منهنجا جلاوطن تو سان رهن؛ تون موآب جي لٽيندڙن کان اَجهو ٿيءُ: ڇالاءِ جو ڦرمار ڪرڻ وارو ناس ڪيو ويندو، ڦرلٽ بند ٿي ويندي ۽ ظالم ملڪ مان چٽ ٿي نڪري ويندا.

5 ۽ هڪڙو تخت رحم جي ڪري قائم ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ تي دائود جي تنبوءَ مان هڪڙو سچائيءَ سان عدالت لاءِ ويهي انصاف ڪندو ۽ راستبازيءَ تي قائم رهندو.

6 اسان موآب جي مغروريءَ جو ٻڌو آهي؛ بلڪ هن جي بيحيائي، ۽ هن جي هٺ، ۽ هن جي ڪاوڙ جو؛ هن جون ٻٽاڪون ڪي بہ ڪين آهن.

7 تنهن ڪري موآب، موآب جي لاءِ واويلا ڪندو، هرڪو ماڻهو واويلا ڪندو: قيرحراست جي ڪشمش جي ٽڪين لاءِ اوهين بلڪل بدحال ٿي ماتم ڪندا.

8 ڇالاءِ جو حسبون جون ٻنيون ۽ سبماہ جي ڊاک ڪومائجي ٿي؛ قومن جي سردارن انهي جون عمديون عمديون ٽاريون ڀڃي ڇڏيون آهن؛ اهي يعزير تائين بہ اچي پهتا آهن، اهي بيابان ۾ گهميا ڦريا؛ ان جون شاخون هيڏي هوڏي پکڙي ويون، اهي سمنڊ پار بہ لنگهي ويا.

9 تنهن ڪري آءٌ سبماہ جي ڊاک لاءِ يعزير جي ماتم وانگي رئندس؛ اي حسبون ۽ اليعالہ آءٌ توکي پنهنجن لڙڪن سان پاڻي ڏيندس: ڇالاءِ جو تنهنجن آرڙهہ جي ميون تي جنگ جو نعرو اچي پيو آهي.

10 ۽ ڦر ڪندڙ ٻنيءَ مان خوشي ۽ سرهائي ڪڍي وئي آهي؛ ۽ ڊاک جي منهہ ۾ نڪو راڳ ڳائبو، نڪو خوشيءَ جو آواز ٿيندو: ۽ ڪو چيچڙن مان لتاڙڻ سان شراب نہ ڪڍندو؛ مون ڊاک جي فصل جي خوشي بند ڪرائي ڇڏي آهي.

11 تنهن ڪري منهنجا آنڊا موآب جي لاءِ بربط وانگي آواز ڪندا، ۽ منهنجا اندريان عضوا قيرحارس لاءِ.

12 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن موآب پاڻ کي حاضر ڪندو ۽ جڏهن هو مٿانهين جاءِ تي پاڻ کي ٿڪائيندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ دعا گهرڻ لاءِ ايندو تہ هو فتحياب نہ ٿيندو.

13 اهو آهي ڪلام جو گذرئي زماني ۾ خداوند موآب جي بابت فرمايو.

14 پر هاڻي خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مزورن جي سالن جهڙن ٽن سالن جي اندر موآب جي وڏائي، ۽ ان جي وڏي جماعت نفرت جهڙي ڪئي ويندي؛ ۽ جيڪي باقي بچندا سي تمام ٿورا، ۽ ڪين جهڙا ليکيا ويندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan