يسعياہ 15 - Sindhi Bible1 موآب بابت ڪلام. هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو عار ويران ۽ نابود ٿي ويو؛ هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو قير ويران ۽ نابود ٿي ويو. 2 بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي. 3 هو پنهنجن گهٽين ۾ پنهنجي چيلهہ سان کٿو ٻڌن ٿا: هنن جي گهرن جي کڏن تي ۽ هنن جي ڪشادن ميدانن تي سڀڪو دانهون ڪري ٿو ۽ زار زار روئي ٿو. 4 ۽ حسبون ۽ اليعالہ فرياد ڪن ٿا؛ انهن جو آواز يهض تائين پيو ٻڌجي: تنهن ڪري موآب جا هٿيار ٻڌل ماڻهو وڏيون رڙيون ٿا ڪن؛ هن جي جان هن ۾ ڏڪي ٿي. 5 منهنجي دل موآب لاءِ دانهون ڪري ٿي؛ ان جا سردار ضغر تائين، ۽ عجلت شليشياہ ڏي ڀڄي وڃن ٿا: هو لوحيت جي چاڙهيءَ تائين رئندا مٿي وڃن ٿا؛ هو حورونايم جي رستي تي موت جي دانهن ڪن ٿا. 6 ڇالاءِ جو نمريم جا پاڻي ويران ٿي ويا آهن، ۽ گاهہ سڪي ويو آهي، ۽ تازو گاهہ ڪومائجي ويو آهي، ۽ ڪابہ سائي شيءِ ڪانهي. 7 تنهن ڪري جيڪو جهجهو مال هنن وٽ آهي، ۽ جيڪي هنن گڏ ڪري رکيو آهي سو هو بيد واريءَ نهر ڏي کڻي ويندا. 8 ڇالاءِ جو موآب جي سرحدن جي چوڌاري رڙ پئجي ويئي آهي؛ انهيءَ جي واويلا اجلائم ۽ بيرايليم تائين پهچي وئي آهي. 9 ڇالاءِ جو ديمون جون نديون رت سان ڀريل آهن: پر آءٌ اڃا بہ ڪي زيادہ ديمون تي آڻيندس؛ جيڪو موآب مان ڀڄي نڪري ٿو تنهن تي، ۽ ملڪ جي باقي بچيلن تي، آءٌ هڪڙو شينهن آڻيندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society