Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 12 - Sindhi Bible

1 ۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.

2 ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي.

3 تنهن ڪري خوشيءَ سان اوهين نجات جي کوهن مان پاڻي ڪڍندا.

4 ۽ انهي ڏينهن اوهين چوندا تہ خداوند جا شڪر بجا آڻيو، هن جو نالو وٺي سڏيو، قومن جي وچ ۾ هن جا ڪم ظاهر ڪريو، ۽ اهو ذڪر ڪريو تہ هن جو نالو بزرگ آهي.

5 خداوند جي تعريف ڳايو؛ ڇالاءِ جو هن تمام عمدا ڪم ڪيا آهن: ڀلي تہ اها ڳالهہ ساري زمين تي مشهور ٿئي.

6 اي صيون جا رهاڪو وڏي سڏ پڪار ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو تنهنجي وچ ۾ اسرائيل جو پاڪ خدا عظيم آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan