Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 11 - Sindhi Bible

1 ۽ يسيءَ جي ٿُڙ مان هڪڙو ڏار نڪرندو، ۽ ان جي پاڙن مان ڦر نڪرندو:

2 ۽ خداوند جو روح انهيءَ تي لهندو، ڏاهپ ۽ سمجهہ جو روح، مصلحت ۽ طاقت جو روح، علم ۽ خداوند جي خوف جو روح؛

3 ۽ هو خداوند جي ڊپ ڪري خوش ٿيندو: ۽ هو نہ پنهنجن اکين جي نظر موجب انصاف ڪندو، ۽ نہ پنهنجن ڪنن جي ٻڌڻ موجب ملامت ڪندو:

4 پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.

5 سچائي هن جي چيلهہ جو پٽو ٿيندي، ۽ ايمانداري هن جي گردي جو پٽو ٿيندي.

6 ۽ بگهڙ گهيٽي سان گڏ رهندو، ۽ چيتو ڇيلي سان گڏ سمهندو؛ ۽ گابو ۽ شينهن جو ٻچو ۽ پاليل ڏاند گڏ رهندا؛ ۽ ننڍڙو ٻار انهن کي گهمائيندو.

7 ۽ ڳئون ۽ رڇ گڏ چرندا؛ انهن جا ٻچا گڏ سمهندا: ۽ شينهن ڏاند وانگر بهہ کائيندو.

8 ۽ کير پياڪ ٻار سپ جي ٽُنگ تي راند ڪندو، ۽ کير ڇڏايل ٻار پنهنجو هٿ نانگ جي ٻِر تي رکندو.

9 منهنجي پاڪ جبل ۾ هو نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا، نہ ماري وجهندا: ڇالاءِ جو زمين خداوند جي علم سان ڀرپور ٿي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ڇڏي ٿو.

10 ۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.

11 ۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.

12 ۽ هو قومن لاءِ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ اسرائيل جا هڪالي ڪڍيل گڏ ڪندو، ۽ يهوداہ جا نڪتل ۽ پکيڙي پيل زمين جي چئني ڪنڊن کان آڻي گڏ ڪندو.

13 تڏهن افرائيم جو حسد بہ هليو ويندو، ۽ جيڪي يهوداہ کي ستائيندا سي بہ وڍجي ويندا: افرائيم يهوداہ تي حسد نہ ڪندو، ۽ يهوداہ افرائيم کي نہ ستائيندو.

14 ۽ هو الهندي پاسي فلستين جي ڪنڌ تي اُڏامي وڃي لهندا؛ گڏجي اڀرندي جي رهاڪن کي ڦريندا لٽيندا: اهي پنهنجو هٿ ادوم ۽ موآب تي ڊگهيريندا؛ ۽ بني عمون انهن جا تابعدار ٿيندا.

15 ۽ خداوند مصر واري سمنڊ جي ڄڀ اصل ناس ڪري ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان پنهنجو هٿ نديءَ جي مٿان اُلاريندو، ۽ انهي کي ستن نهرن ۾ ورهائيندو، ۽ اتان ماڻهو سڪي جُتيءَ سان پار لنگهائيندو.

16 ۽ سندس قوم مان، جيڪي اسور مان باقي بچندا تن جي لاءِ هڪڙي شاهي سڙڪ ٿيندي جهڙي ڪ اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن ٿي هئي جڏهن هو مصر جي زمين مان نڪري آيا هئا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan