Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

هوسيع 9 - Sindhi Bible

1 اي اسرائيل، ٻين قومن وانگر تون خوشيءَ سان شادمان نہ ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو تون زناڪاري ڪرڻ ڪري پنهنجي خدا کان پري هليو ويو آهين، سڀ ڪنهن ان جي پڙ تي تو ڀاڙو وٺڻ پسند ڪيو آهي.

2 ان ڳاهڻ جو پڙ، ۽ شراب ڪڍڻ جو چيچڙو هنن کي قوت نہ پهچائيندو، ۽ نئون شراب کُٽي ويندو.

3 هو خداوند جي ملڪ ۾ نہ رهندا، پر افرائيم موٽي مصر ۾ ويندو، ۽ هو اسور ۾ ناپاڪ کاڌو کائيندا.

4 هو خداوند جي نذرانن لاءِ شراب نہ هاري وجهندا، نڪي هو انهي کي وڻندا: هنن جون قربانيون سندن لاءِ ماتم جي مانيءَ وانگر ٿينديون؛ جيڪي انهي مان کائيندا سي پليت ٿيندا: ڇالاءِ جو هنن جي ماني سندن اشتها لاءِ ٿيندي؛ اُها خداوند جي گهر ۾ نہ ايندي.

5 پاڪ جماعت واري ڏينهن، ۽ خداوند جي عيد واري ڏينهن، اوهين ڇا ڪندا؟

6 ڇالاءِ جو ڏسو، هو تباهيءَ جي ڊپ کان پري ويا آهن، تڏهن بہ مصر هنن کي گڏ ڪندو، موف هنن کي دفن ڪندو: هنن جي چانديءَ جي مزي جهڙين شين کي ڪانڊيرا وٺي ويندا: هنن جي تنبن ۾ ڪنڊا اُڀرندا.

7 سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي.

8 افرائيم منهنجي خدا وٽ نگهبان هو: باقي نبي، سو انهي جي سڀني راهن ۾ پکين ڦاسائيندڙ جو دام آهي، ۽ هن جي خدا جي گهر ۾ دشمني آهي.

9 هنن پاڻ کي تمام گهڻو خراب ڪيو آهي، جيئن جبعہ جي ڏينهن ۾ ڪيو هئائون: هو هنن جون بدڪاريون ياد ڪندو، هو هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.

10 مون اسرائيل کي بيابان ۾ ڊاک وانگر لڌو؛ مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي اهڙو ڏٺو جهڙو انجير جي وڻ جي پهرين موسم جو پهريون پڪل ڦر: پر هو بعل فغور وٽ ويا، ۽ انهي ڪراهت جهڙي شيءِ جي لاءِ هنن پاڻ کي ڌار ڪري رکيو، ۽ انهي وانگر ڪراهت جهڙا ٿيا جنهن کي پيار ڪندا هئا.

11 باقي افرائيم، سو ان جو شان شوڪت پکيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڪوبہ ٻار ڪونہ ٿيندو، ۽ ڪابہ پيٽ سان نہ ٿيندي، ۽ نہ ڪا ٻار واري ٿيندي.

12 جيتوڻيڪ هو پنهنجا ٻار پالي وڏا ڪندا، تہ بہ آءٌ اُهي ماري ڇڏيندس، تہ ڪوبہ ماڻهو نہ بچي: جڏهن آءٌ هنن وٽان ويندس تڏهن بہ هنن جي لاءِ ويل ٿيندو.

13 جيئن مون صور کي ڏٺو آهي، تيئن افرائيم بہ هڪڙي مزي جهڙي هنڌ لڳايو ويو هو: پر افرائيم پنهنجا ٻار ڪهڻ واري وٽ ڪڍي ايندو.

14 اي خداوند هنن کي ڏي: تون ڇا ڏيندين؟ هنن کي ٻار ڪيرائيندڙ پيٽ، ۽ سُڪل ڇاتيون ڏي.

15 هنن جي سڄي شرارت جلجال ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اُتي مون هنن کي ڌڪاريو: هنن جي ڪمن جي شرارت ڪري، آءٌ هنن کي پنهنجي گهر مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندس: آءٌ وري هنن کي پيار نہ ڪندس؛ هنن جا سڀ امير باغي آهن.

16 افرائيم کي ڌڪ لڳو آهي، هنن جي پاڙ سُڪي ويئي آهي، هو ڦر نہ جهليندا: هائو، جيتوڻيڪ هو ٻار ڄڻيندا، تہ بہ آءٌ انهن جي پيٽ جو پيارو ڦر ڪهي ڇڏيندس.

17 منهنجو خدا انهن کي اُڇلائي ڇڏيندو، ڇالاءِ جو هنن سندس نہ ٻڌي؛ ۽ هو قومن منجهہ دربدر ٿيندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan