Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

هوسيع 7 - Sindhi Bible

1 جڏهن مون اسرائيل کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن افرائيم جي بدڪاري، ۽ سامريہ جي شرارت ظاهر ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ٺڳيءَ جا ڪم ڪيا آهن: چور اندر لنگهيو اچي، ۽ چورن جي ٽولي ٻاهر پئي ڦري.

2 هو پنهنجين دلين ۾ ايترو ويچار نٿا ڪن تہ آءٌ سندن سڀ شرارت ياد ڪريان ٿو: هاڻي هنن جي بڇڙن ڪمن کين چوڌاري آڻي وڪوڙيو آهي؛ هو منهنجي منهن اڳيان آهن.

3 هو پنهنجي شرارت سان بادشاهہ کي خوش ٿا ڪن ۽ سردارن کي پنهنجن ڪوڙن سان.

4 اُهي سڀ زاني آهن؛ اُهي نانواين جي تپايل تنور وانگر آهن؛ اٽي ڳوهڻ کان وٺي اُن جي خمير ٿيڻ تائين، هو باهہ کي چورڻ کان بس نٿو ڪري.

5 اسان جي بادشاهہ جي ڏينهن، سردارن شراب جي گرميءَ ۾ پاڻ کي بيمار ڪيو آهي، هن ٺٺولي ڪرڻ وارن سان گڏ پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي.

6 ڇالاءِ جو اڙن ۾ ويٺي ئي هنن پنهنجي دل تنور وانگي تيار ڪئي؛ هنن جي ڪاوڙ سڄي رات سمهي ٿي؛ ۽ صبح جو اُها باهہ جي مچ وانگر ٻري ٿي.

7 هو سڀ تنور وانگر گرم آهن، ۽ پنهنجن قاضين کي ڳهي ٿا وڃن؛ هنن جا سڀ بادشاهہ ڪِريا پيا آهن: هنن ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو مون کي سڏي.

8 افرائيم وڃي ٻين قومن سان گڏيو آهي؛ افرائيم اڻ اُٿلايل ماني آهي.

9 ڌاريا هن جي طاقت ڳهي ويا آهن، ۽ انهي جي هن کي ڪابہ خبر ڪانهي: هائو، هن تي ڪجهہ اڇا وار بہ اچي ويا آهن؛ پر انهن جي بہ هن کي خبر ڪانهي.

10 ۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن اڳيان ثابتي ٿي ڏئي: انهي هوندي بہ هو خداوند پنهنجي خدا وٽ نہ موٽيا آهن، ۽ نہ ايتري چوندي بہ انهي کي ڳوليو اٿن.

11 افرائيم هڪڙي بيوَقوف ڪبوتر وانگر بي سمجهہ آهي: هو مصر کي سڏين ٿا، ۽ اسور وٽ وڃن ٿا.

12 جڏهن هو ويندا، تڏهن آءٌ هنن تي پنهنجو ڄار پکيڙيندس؛ ۽ آءٌ هنن کي هوا جي پکين وانگر هيٺ لاهيندس: آءٌ هنن کي سيکت ڏيندس، جيئن سندن جماعت ٻڌو آهي.

13 ويل هجي انهن لاءِ! ڇالاءِ جو اهي مون کان گمراهہ ٿي ويا آهن؛ موت هجي انهن جي لاءِ! ڇالاءِ جو هو مون کان باغي ٿي ويا آهن: جيتوڻيڪ مون هنن کي بچائڻ گهريو تہ بہ هنن منهنجي آڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي.

14 هنن پنهنجي دل سان مون کي نہ سڏيو آهي پر هنن پنهنجن بسترن تي پئي رُنو آهي: هو اَن ۽ شراب لاءِ گڏ ٿيا آهن، هو منهنجي برخلاف فساد ٿا ڪن.

15 جيتوڻيڪ مون هنن کي تعليم ڏني آهي، ۽ هنن جي ٻانهن کي زور وٺايو اٿم، تہ بہ اُهي منهنجي برخلاف حرڪت ڪرڻ جو خيال ٿا ڪن.

16 هو موٽن ٿا پر نہ انهي وٽ، جو مٿي آهي: هو هڪڙي ڪوڙي ڪمان وانگر آهن: هنن جا امير پنهنجي زبان جي جوش ڪري ترار سان ڪِرندا: اها هنن جي لاءِ مصر جي ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan