Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

هوسيع 6 - Sindhi Bible

1 اچو تہ خداوند وٽ موٽي هلون: ڇالاءِ جو هن ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪندو؛ هن ضرب رسائي آهي، ۽ هو ئي اسان کي پَٽي ٻَڌندو.

2 ٻن ڏينهن کانپوءِ وري هو اسان کي جيئرو ڪندو: ٽئين ڏينهن هو اسان کي اُٿاريندو، ۽ اسين هن جي اڳيان جيئرا رهنداسين.

3 ۽ اچو تہ ڳولا ڪريون، ۽ خداوند کي سڃاڻڻ لاءِ پيروي ڪريون؛ هن جو اچڻ يقيناً صبح وانگر آهي: ۽ هو اسان وٽ مينهن وانگر ايندو، انهي پوئين مينهن وانگر جو زمين کي ريج ٿو ڏئي.

4 اي افرائيم، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ اي يهوداہ، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ ڇالاءِ جو تنهنجي چڱائي صبح جي ڪڪر جهڙي آهي، ۽ انهي ماڪ وانگر جا سويل ئي گم ٿي وڃي ٿي.

5 تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.

6 ڇالاءِ جو مون کي رحم پسند آهي، نہ قرباني؛ ۽ خدا جي ڄاڻپ، سوختني قربانين کان وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.

7 پر هنن آدم وانگر عهد اقرار ڀڳو آهي: اُتي هنن منهنجي برخلاف دغابازي ڪئي آهي.

8 جلعاد انهن جو شهر آهي جي بدڪاري ٿا ڪن، انهي تي رت جا داغ آهن.

9 ۽ جيئن چورن جون ٽوليون ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ لڪي ويهن، تيئن ڪاهنن جي جماعت رستي ۾ سڪم ڏانهن ويندي خون ٿي ڪري: هائو، هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.

10 اسرائيل جي گهراڻي ۾ مون هڪڙي هيبتناڪ شيءِ ڏٺي آهي: افرائيم ۾ زناڪاري آهي، اسرائيل پليت ٿيو آهي.

11 اي يهوداہ، تنهنجي لاءِ بہ هڪڙو فصل تيار رکيو ويو آهي، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جا قيدي موٽائي آڻيندس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan