هوسيع 5 - Sindhi Bible1 اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو: 2 ۽ فسادين وڏو ڪوس ڪيو آهي؛ پر آءٌ انهن سڀني جي ملامت ڪندڙ آهيان. 3 آءٌ افرائيم کي سڃاڻان ٿو، ۽ اسرائيل بہ مون کان لڪل نہ آهي: ڇالاءِ جو اي افرائيم، تو زنا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل پليت ٿيو آهي. 4 هنن جا ڪم هنن کي پنهنجي خدا وٽ موٽڻ نٿا ڏين: ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جو خيال هنن جي وجود ۾ آهي، ۽ هو خداوند کي نٿا سڃاڻن: 5 ۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن تي ثابتي ٿي ڏئي: تنهنڪري اسرائيل ۽ افرائيم پنهنجي بدڪاريءَ ۾ ٿاٻڙجي ڪِرندا؛ يهوداہ بہ انهن سان گڏ آٿڙبو. 6 هو پنهنجن گلن ۽ پنهنجن ڌڻن سان خداوند کي ڳولڻ ويندا، پر انهي کي نہ لهندا: انهي پاڻ کي هنن کان لڪائي ڇڏيو آهي. 7 هنن خداوند جي برخلاف دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ڌاريا ٻار ڄڻيا آهن: هاڻي نئون چنڊ هنن کي سندن ٻنين سميت ڳهي ويندو. 8 اوهين جبعہ ۾ شرنائي وڄايو، ۽ رامہ ۾ قرناءِ: بيت اون ۾ خوف جو آواز ڪريو؛ اي بنيمين تنهنجي پٺيان! 9 افرائيم عتاب جي ڏينهن ويران ٿي ويندو: اسرائيل جي فرقن ۾ مون اها ڳالهہ پڌري ڪئي آهي جا ضرور ٿيڻي آهي. 10 يهوداہ جا سردار انهن وانگر آهن جي حد جا نشان کڻي ٿا ڇڏين: آءٌ انهن تي پنهنجي ڪاوڙ پاڻيءَ وانگر اوتي وجهندس. 11 افرائيم تي ظلم ٿيو آهي، هو عدالت ۾ چپجي ويو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اجاين ڳالهين جي پٺيان هلڻ ۾ راضي هو. 12 تنهنڪري آءٌ افرائيم جي لاءِ هڪڙي پرواني وانگر آهيان، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ ڪِنيءَ شيءِ وانگر. 13 جڏهن افرائيم پنهنجي بيماري ڏٺي، ۽ يهوداہ پنهنجو ڦٽ ڏٺو، تڏهن افرائيم اسور وٽ ويو، ۽ ياريب جي بادشاهہ کي قاصد موڪلي گهرايائين: پر هو اوهان کي شفا ڏيئي نٿو سگهي، نڪي هو اوهان جو ڦٽ ڇُٽائيندو. 14 ڇالاءِ جو آءٌ افرائيم جي لاءِ شينهن ٿيندس، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ جوان شينهن: آءٌ، هائو آءٌ، ڦاڙي هليو ويندس، ۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ ٿيندو. 15 آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society