Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

هوسيع 14 - Sindhi Bible

1 اي اسرائيل، خداوند پنهنجي خدا وٽ موٽ، ڇالاءِ جو تون پنهنجي بدڪاريءَ سبب ڪِريو آهين.

2 تون ڪلام کڻي خداوند وٽ موٽ، ۽ انهي کي چئُہ تہ تنهنجي سڀ بڇڙائي ڪڍي وٺي، ۽ مهرباني ڪري اسان کي قبول ڪري: پوءِ اسين پنهنجي چپن جي قرباني پيش ڪنداسين.

3 اسور اسان کي ڪين بچائيندو؛ اسين گهوڙن تي نہ چڙهنداسين، نڪي وري اڳتي اسين پنهنجن هٿن جي ڪم کي چونداسين تہ اوهين اسان جا خدا آهيو، ڇالاءِ جو تون ئي يتيمن تي رحم ٿو ڪرين.

4 آءٌ هنن جي ڪوتاهيءَ جو علاج ڪندس، ۽ هنن کي کلي دل سان پيار ڪندس، ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ هنن کان ڦري ويئي آهي.

5 آءٌ اسرائيل جي لاءِ ماڪ جهڙو ٿيندس: هو سوسن وانگر گل ڪندو، ۽ لبنان وانگر پنهنجون پاڙون هڻندو.

6 هن جون ٽاريون پکڙنديون، ۽ هن جي سونهن زيتون جي وڻ جهڙي ٿيندي.

7 جيڪي هن جي پاڇي هيٺ ٿا رهن سي بحال ڪيا ويندا؛ هو ڪڻڪ وانگر وري نڪرندا ۽ ڊاک وانگر ٻور ڪندا: انهي جي خوشبوءِ لبنان جي شراب جهڙي ٿيندي.

8 افرائيم چوندو تہ اڳتي وري بُتن سان منهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ مون خداوند هن کي جواب ڏنو آهي، ۽ آءٌ مٿس نگاهہ ڪندس: آءٌ صنوبر جي سائي وڻ جهڙو آهيان؛ مون کان توکي پنهنجو ميوو حاصل ٿيندو.

9 ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan