Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

هوسيع 12 - Sindhi Bible

1 افرائيم هوا تي گذران ٿو ڪري، ۽ اُڀرندي جي واءُ جي پٺيان ٿو وڃي: هو هميشہ ڪوڙ ۽ ظلم وڌائيندو وڃي: هو اسور سان عهد اقرار ڪري ٿو، ۽ تيل مصر ۾ پهچايو ٿو وڃي.

2 خداوند جو يهوداہ سان بہ تڪرار آهي، ۽ هو يعقوب کي سندس راهن موافق سزا ڏيندو؛ انهي کي هو سندس ڪمن موافق بدلو ڏيندو.

3 ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هن پنهنجي ڀاءُ کي کڙيءَ کان ورتو؛ ۽ جڏهن هو وڏو ٿيو تڏهن خدا سان زور آزمايائين:

4 هائو، هن فرشتي سان زور آزمايو، ۽ انهي تي غالب آيو: هن رنو، ۽ عرض ڪيائينس: هن انهي کي بيت ايل ۾ لڌو، ۽ اُتي اسان سان ڳالهايائين؛

5 يعني خداوند، لشڪرن جي خدا؛ جو سندس يادگار آهي.

6 تنهنڪري تون خداوند ڏانهن ڦر، نيڪي ۽ راستيءَ کي قائم ڪر، ۽ هميشہ پنهنجي خدا تي ڀروسو رک.

7 هو هڪڙو سوداگر آهي، ۽ ٺڳيءَ جي ساهمي سندس هٿ ۾ آهي: هن کي ظلم ڪرڻ پسند آهي.

8 ۽ افرائيم چيو تہ يقيناً آءٌ دولتمند ٿيو آهيان، مون دولت لڌي آهي: منهنجن سڀني ڪمن ۾ هو مون ۾ ڪابہ بدڪاري ڪانہ لهندا جا گناهہ ٿي سگهي.

9 پر آءٌ مصر جي ملڪ کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان؛ آءٌ اوهان کي اڃا وري بہ تنبن ۾ رهائيندس، جيئن پاڪ عيد واري ڏينهن ۾ هو.

10 مون نبين سان بہ ڳالهايو آهي، ۽ رويا بہ وڌايا آهن؛ ۽ نبين جي وسيلي مون تمثيلون ڪم ۾ آنديون آهن.

11 يقيناً جلعاد ۾ بدڪاري آهي: اُهي نسوري بيهودگي آهن؛ هو جلجال ۾ ڍڳا قرباني ٿا ڪن: هائو، هنن جون قربانگاهون اهڙيون آهن جهڙا ٻنين جي کيڙين ۾ ڍڳ.

12 ۽ يعقوب آرام جي زمين ڏانهن ڀڳو، ۽ اسرائيل زال جي خاطر ٻانهو ٿيو، ۽ زال جي لاءِ رڍون چاريائين.

13 هڪڙي نبيءَ جي وسيلي خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ هڪڙي نبيءَ جي وسيلي هو بچايو ويو.

14 افرائيم پنهنجن ڪمن ڪري تمام گهڻي ڪاوڙ ڏياري آهي، تنهنڪري هن جو رت سندس مٿان ئي رهندو، ۽ ان جي ملامت سندس خداوند مٿس موٽائي آڻيندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan