هوسيع 11 - Sindhi Bible1 جڏهن اسرائيل اڃا ٻار هو، تڏهن آءٌ هن کي پيار ڪندو هوس، ۽ پنهنجي پٽ کي مصر مان سڏيم. 2 پر جيئن جيئن مون هنن کي سڏيو، تيئن هو پري ٿيندا ويا: هنن بعليم لاءِ قربانيون ڪيون، ۽ اُڪريل مورتن لاءِ لوبان ساڙيو. 3 پر مون افرائيم کي هلڻ سيکاريو، مون هنن کي پنهنجين ٻانهن تي کنيو؛ پر هنن کي اها خبر نہ پيئي تہ مون هنن کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو. 4 مون هنن کي انساني رشتي سان ۽ محبت جي ڏورين سان ڇڪيو؛ آءٌ هنن جي لاءِ اهڙو هوس، جهڙا اُهي جي سندن ڄاڙن تان پاڃاري لاهي ڇڏين ٿا، ۽ مون هنن جي اڳيان کاڌو رکيو. 5 هو موٽي مصر جي ملڪ ۾ نہ ويندو؛ پر اسوري هن جو بادشاهہ ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن موٽڻ کان انڪار ڪيو. 6 ۽ ترار هن جي شهرن تي ڪڙڪندي، ۽ هن جي درن جي گزن کي چٽ ڪري ڇڏيندي، ۽ خود سندن مصلحتن ڪري هنن کي ڳهي ڇڏيندي. 7 ۽ منهنجي قوم ڪوتاهي ڪرڻ تي مائل آهي: جيتوڻيڪ هو انهن کي انهي وٽ اچڻ لاءِ سڏين ٿا جو بلنديءَ تي آهي، تہ بہ ڪو انهي کي تعظيم نہ ٿو ڏئي. 8 اي افرائيم، آءٌ توکي ڪيئن ڇڏي ڏيان؟ اي اسرائيل، ڪيئن آءٌ توکي ڏيئي ڇڏيان؟ ڪيئن توکي ادمہ جهڙو ڪريان؟ ڪيئن توکي ضبويم جهڙو بنايان؟ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ وٽ ٿي کائي، منهنجون رحمتون ظاهر ٿيون آهن. 9 آءٌ پنهنجي سخت ڪاوڙ عمل ۾ نہ آڻيندس، آءٌ افرائيم کي ناس ڪرڻ لاءِ نہ موٽندس: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، نہ انسان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قدوس خدا آهيان: آءٌ ڪاوڙ ۾ شهر ۾ نہ گهڙندس. 10 هو خداوند جي پٺيان هلندا، جو شينهن وانگر گجندو، هائو، هو گجندو ۽ سندس ٻار اُلهندي کان ڏڪندا ايندا. 11 اُهي اهڙيءَ طرح ڏڪندا ايندا، جهڙيءَ طرح ڪو پکي مصر مان اچي، ۽ ڪو ڪبوتر اسور جي ملڪ مان اچي: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي سندن گهرن ۾ رهائيندس. 12 افرائيم ڪوڙ سان مون کي گهيري ويو آهي، ۽ اسرائيل جو گهراڻو ٺڳيءَ سان: پر يهوداہ اڃا بہ خدا سان حڪمران آهي، ۽ پاڪ خدا سان سچو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society