هوسيع 10 - Sindhi Bible1 اسرائيل هڪڙي گهاٽي ڊاک آهي، جا پنهنجو ڦر جهلي ٿي: پنهنجي ججهي ميوي موافق هن پنهنجون قربانگاهون بہ وڌايون آهن؛ پنهنجي زمين جي چڱائيءَ موافق هنن سهڻا ٿنڀ جوڙيا آهن. 2 هن جي دل ورهائجي وئي آهي؛ هاڻي هو ڏوهاري ٺهرايا ويندا: هو ان جي قربانگاهن کي ڌڪ هڻندو، هو انهن جي ٿنڀن کي خراب ڪندو. 3 هاڻي هو ضرور چوندا تہ اسان جو ڪو بادشاهہ ڪونهي: ڇالاءِ جو اسين خداوند کان نٿا ڊڄون؛ ۽ بادشاهہ اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟ 4 هو اجايون ڳالهيون ٿا ڪن، انجامن ڪرڻ مهل هو ڪوڙا قسم ٿا کڻن: تنهنڪري ٻنيءَ جي کيڙين ۾ ڪَڙي ٻوٽي وانگي سزا ڦٽي نڪرندي. 5 سامريہ جا رهاڪو بيت اون جي گابن لاءِ خوف ۾ رهندا: ڇالاءِ جو انهي جا ماڻهو انهي تي ماتم ڪندا، ۽ انهي جا ڪاهن بہ، جي ان جي وڏائي ڪري اُن تي خوش ٿيندا هئا؛ ڇالاءِ جو ان جي وڏائي انهي مان نڪري ويئي آهي. 6 هو اسور جي بادشاهہ يارب وٽ نذراني طور پيش ڪيا ويندا: افرائيم کي خواري حاصل ٿيندي، ۽ اسرائيل خود پنهنجي صلاح مصلحت کان شرمندو ٿيندو. 7 باقي سامريہ سو انهي جو بادشاهہ ائين وڍجي ويو آهي، جيئن پاڻيءَ تي گجي. 8 آون جا مٿانهان مڪان، جي اسرائيل جو گناهہ آهن، سي بہ ناس ڪيا ويندا: هنن جي قربانگاهن تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا: ۽ هو جبلن کي چوندا تہ اسان کي ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ اسان تي ڪِري پئو. 9 اي اسرائيل، تو جبعہ جي ڏينهن کان وٺي گناهہ پئي ڪيا آهن: هو اُتي بيٺا رهيا، انهي لاءِ تہ بدڪاريءَ جي ٻارن تائين لڙائي نہ اچي پهچي؟ 10 جڏهن منهنجي مرضي ٿيندي، تڏهن آءٌ هنن کي سيکت ڏيندس؛ ۽ جڏهن هو پنهنجن ٻن گناهن جي لاءِ ٻڌا ويندا، تڏهن قومون ساڻن وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون. 11 ۽ افرائيم هڪڙي گابي آهي جا هيرائي ويئي آهي، ۽ جا اَن ڳاهڻ پسند ٿي ڪري؛ پر مون انهي جي سهڻي ڳچيءَ تي سزا وڌي آهي؛ ۽ آءٌ افرائيم تي هڪڙو سوار ويهاريندس. يهوداہ هر کيڙيندو، يعقوب انهي جا ڀتر ڀڃندو. 12 اوهين پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو، تہ رحم موافق لڻو؛ پنهنجي غير آباد زمين کيڙيو: ڇالاءِ جو خداوند کي ڳولڻ جو هي وقت آهي، جيستائين هو اچي، ۽ اوهان تي سچائيءَ جو مينهن وسائي. 13 اوهان شرارت جا هر ڏنا آهن، ۽ بدڪاري لڻي اٿوَ؛ اوهان ڪوڙ جو ڦر کاڌو آهي، ڇالاءِ جو توکي پنهنجي رستي تي، ۽ پنهنجن زور وارن ماڻهن جي گهڻائي تي ڀروسو هو. 14 تنهن ڪري تنهنجي قوم ۾ گڙٻڙ ٿيندي، ۽ تنهنجا سڀ قلعا لٽجي ويندا، جيئن شلمن، بيت اربيل کي جنگ جي ڏينهن ڦريو لٽيو هو: ماءُ ٻارن سميت هيٺ اُڇلائي ٽڪر ٽڪر ڪئي ويندي. 15 ساڳيءَ طرح بيت ايل ۾ بہ اوهان جي شرارت ڪري اوهان سان ڪيو ويندو: پرهہ ڦٽيءَ مهل اسرائيل جو بادشاهہ قتل ڪيو ويندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society