Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

هوسيع 1 - Sindhi Bible

1 اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾، خداوند جو ڪلام هوسيع بن بيريءَ تي نازل ٿيو.

2 جڏهن خداوند شروع ۾ هوسيع جي معرفت ڳالهايو، تڏهن خداوند هوسيع کي چيو تہ وڃ، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي زناڪار زال، ۽ هڪڙو زنا مان ڄاول ٻار وٺ: ڇالاءِ جو ملڪ خداوند کان پاسو ڪري وڏي زناڪاري ٿو ڪري.

3 تڏهن هن وڃي ڊبلائم جي ڌيءَ جمر کي ورتو؛ ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ هن مان پٽ ڄائس.

4 ۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو يزرعيل رک؛ ڇالاءِ جو ٿوري وقت کانپوءِ آءٌ يزرعيل جي خون جو وير ياهوءَ جي گهراڻي کان وٺندس، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي بادشاهي پوري ڪندس.

5 ۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ يزرعيل جي واديءَ ۾ اسرائيل جي ڪمان ڀڃندس.

6 ۽ هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي، ۽ ڌيءَ ڄڻيائين. ۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو لوروحامہ رک؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جي گهراڻي تي وري اڳتي اهڙو رحم نہ ڪندس جو ڪنهن بہ طرح انهن کي معافي ڏيان.

7 پر آءٌ يهوداہ جي گهراڻي تي رحم ڪندس، ۽ هنن کي خداوند سندن خدا جي وسيلي بچائيندس؛ نہ ڪمان يا ترار، يا گهوڙن، يا گهوڙي سوارن جي وسيلي.

8 هاڻي جڏهن لوروحامہ جو کير ڇڏايو ويو، تڏهن هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي، ۽ پٽ ڄڻيائين.

9 ۽ خداوند چيو تہ انهي جو نالو لوعمي رک: ڇالاءِ جو اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا نہ آهيان.

10 انهي هوندي بہ بني اسرائيل جو شمار سمنڊ جي واريءَ جيترو ٿيندو، جا نہ ماپي ٿي سگهجي، ۽ نہ ڳڻي ٿي سگهجي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي چيو ويو آهي تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هنن کي چيو ويندو تہ اوهين جيئري خدا جا پٽ آهيو.

11 ۽ بني يهوداہ ۽ بني اسرائيل گڏ ٿيندا، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو سردار مقرر ڪندا، ۽ انهي زمين مان نڪري ويندا، ڇالاءِ جو يزرعيل جو ڏينهن وڏو ٿيندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan