Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 9 - Sindhi Bible

1 هاڻي پهرئين عهد ۾ بہ عبادت جا قانون هئا، ۽ انهي جي پاڪ جاءِ هن دنيا جي هئي.

2 يعني هڪڙو تنبو تيار ڪيو ويو هو، جنهن جي پهرئين حصي ۾ شمعدان ۽ ميز ۽ نذر جون مانيون هيون؛ جنهن کي پاڪ جاءِ چوندا آهن.

3 ۽ ٻئي پردي جي پٺيان اُهو حصو هو جنهن کي پاڪ ترين جاءِ چوندا آهن؛

4 انهي ۾ سونو خوشبودان، ۽ عهد جي صندوق هئي، جا چوڌاري سون سان مڙهيل هئي، ۽ منجهس من سان ڀريل هڪڙو سونو ٿانءُ، ۽ هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جهليون، ۽ عهد جون تختيون هيون؛

5 ۽ اُنهي جي مٿان جلال جا ڪروبي هئا، جي ڪفارہ گاهہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هئا. انهن ڳالهين جو اسين هاڻي تفصيلوار بيان ڪري نٿا سگهون.

6 هاڻي جڏهن اهي شيون اهڙيءَ طرح تيار ٿي چڪيون تہ پوءِ تنبوءَ جي پهرئين حصي ۾ ڪاهن هر وقت خدمت بجا آڻڻ لاءِ داخل ٿا ٿين؛

7 پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.

8 انهي مان پاڪ روح هي اشارو ٿو ڏئي، تہ جيستائين تنبوءَ جو پهريون حصو بيٺو آهي، تيستائين پاڪ جاءِ ۾ وڃڻ جي واٽ ظاهر نہ ٿي ٿئي.

9 اهو هاڻوڪي زماني جو هڪڙو مثال آهي، جنهن موجب اهڙا نذرانا ۽ اهڙيون قربانيون ڏنيون وينديون آهن، جي عبادت ڪندڙن جي دل کي ڪامل ڪري نہ سگهنديون،

10 ڇالاءِ جو اُهي فقط کائڻ ۽ پيئڻ ۽ جدا جدا قسمن جي غسلن سان تعلق رکندڙ جسماني قانون آهن، جي سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا.

11 پر جڏهن مسيح آيو، ۽ انهن چڱين نعمتن جو سردار ڪاهن ظاهر ٿيو، جي اچي پهتيون آهن، تڏهن اهڙي تنبوءَ جي رستي داخل ٿيو جو وڏو ۽ ڪامل آهي، ۽ جو نہ هٿن جو جوڙيل ۽ نہ هن جهان جو آهي،

12 ۽ هڪڙي ئي ڀيري هو پاڪ جاءِ ۾ ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ ابدي نجات حاصل ڪري داخل ٿيو.

13 ڇالاءِ جو جيڪڏهن ٻڪرين ۽ ڏاندن جو رت، ۽ وهڙيءَ جي رک، ناپاڪن تي ڇٽڪارڻ ڪري جسم پاڪ ۽ صاف ٿي سگهي ٿو؛

14 تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.

15 ۽ انهي ڪري هو نئين عهد جو درمياني آهي، تہ پهرئين عهد جي زماني ۾ جيڪي قصور ٿيا هئا تن جي معافيءَ لاءِ، اُهو موت جو هن سَٺو، تنهن جي وسيلي، جي ماڻهو سڏيل آهن، سي واعدي موجب هميشہ جو ورثو حاصل ڪن.

16 ڇالاءِ جو جتي وصيعت نامو آهي، اتي وصيعت ڪندڙ جو موت بہ ثابت ڪرڻ ضرور آهي.

17 ڇالاءِ جو وصيعت نامو تڏهن عمل ۾ ٿو اچي، جڏهن موت ٿئي؛ هن ڪري جو جيسين وصيعت ڪندڙ جيئرو آهي، تيسين وصيعت نامو ڪنهن ڪم جو نہ آهي.

18 تنهنڪري پهريون عهد بہ رت کانسواءِ مخصوص نہ ڪيو ويو.

19 ڇالاءِ جو جڏهن موسيٰ ساريءَ اُمت کي شريعت جا سڀ حڪم ٻُڌائي رهيو، تڏهن هن وهڙن ۽ ٻڪرن جو رت، پاڻيءَ، ۽ قرمزي اُن، ۽ زوفا سان کڻي، انهي ڪتاب ۽ ساريءَ اُمت تي ڇٽڪاريو،

20 ۽ چيائين تہ ”جيڪو عهد خدا اوهان سان ڪيو آهي، تنهن جو نشان هي رت آهي.“

21 تنهن کانسواءِ هن تنبو ۽ عبادت جي سڀني ٿانوَن تي بہ ساڳيءَ طرح رت ڇٽڪاريو.

22 ۽ آئون ايترو بہ چئي سگهندس تہ شريعت موجب سڀ شيون رت سان پاڪ ٿيون ٿين، ۽ رت وهائڻ کان سواءِ معافي نہ ٿي ملي.

23 تنهنڪري ضرور هو تہ آسمان جي شين جا نقل اهڙين رسمن جي وسيلي پاڪ ٿين؛ پر خود آسمان جون شيون انهن کان بهتر قربانين جي وسيلي.

24 ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.

25 نہ انهي لاءِ تہ هو وري وري پاڻ کي قربان ڪري؛ جيئن ڪ سردار ڪاهن هر سال پاڪ جاءِ ۾، پنهنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي؛

26 نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي گهڻائي ڀيرا کيس ڏک سهڻو پوي ها: پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ڀيرو ظاهر ٿيو، انهي لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ مٽائي ڇڏي.

27 ۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛

28 تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan