عبرانين 7 - Sindhi Bible1 ڇالاءِ جو اهو ملڪ صدق، شاليم جو بادشاهہ، خدا تعاليٰ جو ڪاهن آهي، ۽ هميشہ ڪاهن رهندو ٿو اچي. جڏهن ابراهيم بادشاهن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ موٽيو، تڏهن هو کيس گڏيو ۽ سندس لاءِ برڪت گهُريائين، 2 ۽ ابراهيم هن کي سڀني شين جو ڏهون حصو ورهائي ڏنو. هو پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب پهرين راستبازيءَ جو بادشاهہ آهي ۽ پوءِ شاليم يعني سلامتيءَ جو بادشاهہ بہ آهي؛ 3 جنهن جو نڪو پيءُ، نڪا ماءُ، نڪو نسب نامو آهي، جنهن جي عمر جي نہ شروعات آهي نہ حياتيءَ جي پڄاڻي، پر خدا جي فرزند جي مشابهہ ڪيو ويو آهي تہ هميشہ لاءِ ڪهانت ڪري. 4 هاڻي خيال ڪري ڏسو تہ اهو شخص ڪهڙو نہ بزرگ هو، جو انهي کي قوم جي بزرگ ابراهيم غنيمت جي عمدي مال مان بہ ڏهون حصو ڏنو. 5 ۽ ليويءَ جي اولاد مان، جي کي ڪهانت جو عهدو مليو، تن کي حڪم آهي تہ شريعت موجب اُمت کان يعني پنهنجن ڀائرن کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اُهي ابراهيم جي اولاد مان ئي پيدا ٿيا هئا. 6 پر جيڪو انهن جي نسب نامي مان ڪونہ هو، تنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، ۽ جنهن کي واعدا مليا هئا، تنهن لاءِ برڪت گهُريائين. 7 هاڻي انهي ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ ننڍي کي وڏي کان برڪت ملندي آهي. 8 ۽ هتي فاني انسان ڏهون حصو ٿا وٺن، پر هُتي اُهو ٿو وٺي، جنهن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ جيئرو آهي. 9 تنهنڪري چئبو، تہ جو ليوي ڏهون حصو اُڳاڙي ٿو، تنهن ابراهيم جي وسيلي پاڻ بہ ڏهون حصو ڏنو آهي؛ 10 ڇالاءِ جو جڏهن ملڪ صدق ابراهيم کي گڏيو، تڏهن هو اڃا سندس اندر ۾ هو. 11 هاڻي جيڪڏهن ليويءَ واري ڪهانت جي ڪري ڪماليت حاصل ٿئي ها (جو انهيءَ جي ماتحت اُمت کي شريعت ملي آهي،) تہ پوءِ ڪهڙي گهُرج هئي، تہ ٻيو ڪاهن ملڪ صدق جي طريقي جو پيدا ٿئي ۽ نہ هارون جي طريقي جو؟ 12 ڇالاءِ جو جڏهن ڪهانت بدلجي ويئي، تڏهن ضرور شريعت بہ بدلجڻ گهرجي. 13 ۽ جنهن جي بابت اهي ڳالهيون ڪيون ويون، سو ٻئي قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪنهن بہ قربانگاهہ جي خدمت نہ ڪئي. 14 ڇالاءِ جو اها ڳالهہ ظاهر آهي، تہ اسان جو خداوند يهوداهہ جي قبيلي مان آهي، جنهن قبيلي بابت موسيٰ ڪاهنن جي نسبت ۾ ڪي ڪين چيو. 15 ۽ اها ڳالهہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿي ٿئي جو ملڪ صدق جهڙو هڪڙو ٻيو ڪاهن پيدا ٿيو، 16 جو جسماني حڪم جي شريعت موجب نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب مقرر ٿيو. 17 ڇالاءِ جو انهي بابت اِها شاهدي ڏني ويئي آهي، تہ ”تون ملڪ صدق جي طريقي موافق هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.“ 18 سو اڳيون حڪم ڪمزور ۽ بي فائدي هئڻ ڪري رد ٿيو آهي؛ 19 (ڇالاءِ تہ شريعت ڪنهن بہ شيءِ کي ڪامل نہ ڪيو،) ۽ انهي جي بدران هڪڙي بهتر اُميد اچي ويئي، جنهن جي وسيلي اسين خدا کي ويجهو ٿا وڃون. 20 ۽ اِهو قسم کڻڻ کانسواءِ مقرر نہ ٿيو آهي. 21 جيڪي اڳي ڪاهن مقرر ٿيا هئا، سي قسم کانسواءِ مقرر ٿيا آهن؛ پر هي قسم سان انهي جي طرفان مقرر ٿيو آهي، جنهن سندس نسبت ۾ چيو، تہ ”خداوند قسم کنيو ۽ ڪڏهن ڪين ڦرندو، تہ تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“ 22 تنهنڪري يسوع هڪڙي بهتر عهد جو ضامن آهي. 23 ۽ بيشڪ هو تہ گهڻا ئي ڪاهن مقرر ٿيا آهن، ڇالاءِ جو موت جي سببان هو قائم رهي نٿا سگهن؛ 24 پر هن جي ڪهانت لازوال آهي، ڇالاءِ جو هو هميشہ تائين قائم آهي. 25 تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي. 26 ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي، 27 جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين. 28 هاڻي شريعت تہ انهن ماڻهن کي سردار ڪاهن مقرر ٿي ڪيو، جي ڪمزور آهن؛ پر شريعت کانپوءِ جيڪو قسم وارو ڪلام ٿيو، سو انهي فرزند کي مقرر ٿو ڪري، جو هميشہ جي لاءِ ڪامل ڪيو ويو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society