Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 6 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري اچو تہ مسيح جي بابت ٻاراڻي تعليم ڇڏي ڪماليت ڏانهن وڌندا هلون، ۽ مُردار ڪمن کان توبهہ ڪرڻ ۽ خدا تي ايمان آڻڻ جو وري بنياد نہ وجهون؛

2 نڪي بپتسمائن، ۽ هٿن رکڻ، ۽ مُئلن جي جي اُٿڻ، ۽ هميشہ جي عدالت جي تعليم جو بنياد وري وجهون؛

3 ۽ جي خدا گهُريو تہ ائين ئي ڪنداسين.

4 ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهو هڪ دفعي روشن دل ٿيا، ۽ آسمان واريءَ بخشش جو سواد چکيائون، ۽ پاڪ روح حاصل ڪيائون،

5 ۽ خدا جي چڱي ڪلام، ۽ ايندڙ جهان جي طاقتن جو ذائقو چکي ڏٺائون،

6 ۽ پوءِ ڦري ويا، تن کي توبهہ جي لاءِ نئون بنائڻ ناممڪن آهي؛ ڇالاءِ جو اُهي خدا جي فرزند کي پاڻ لاءِ نئين سر صليب تي چاڙهي ظاهر ظهور هن کي ذليل ٿا ڪن.

7 جيڪا زمين مينهن جو پاڻي وري وري ٿي پيئي، ۽ جيڪي منجهس پوک ٿا ڪن، تن لاءِ ڀاڄيون ڀتيون پيدا ٿي ڪري، تنهن تي خدا جي برڪت نازل ٿي ٿئي.

8 پر جي اُها ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ڪري تہ نڪمي آهي ۽ لعنتي ٿيڻ کي ويجهو آهي؛ ۽ نيٺ ساڙي وڃي ٿي.

9 پر اي پيارو، جيتوڻيڪ اسين اهي ڳالهيون ڪريون ٿا، تڏهن بہ اوهان جي نسبت ۾ نجات جي بهتر ڳالهين جو يقين ٿا رکون.

10 ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.

11 ۽ اسان جي خواهش آهي تہ اوهان مان هرڪو پڇاڙيءَ تائين ڪامل اُميد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهي؛

12 تان تہ اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جهڙا ٿيو، جي ايمان ۽ تحمل جي ڪري واعدن جا وارث ٿا ٿين.

13 ڇالاءِ جو جڏهن خدا ابراهيم سان واعدو ٿي ڪيو، تڏهن کانئس وڏو ڪو ڪونہ هو، جنهن جو قسم کڻي. تنهنڪري پنهنجو ئي قسم کنيائين،

14 ۽ چيائين تہ ”يقيناً آئون توکي برڪت پيو ڏيندس ۽ تنهنجو اولاد وڌائيندس.“

15 ۽ اهڙيءَ طرح هن صبر ڪري اهو واعدو حاصل ڪيو.

16 ڇالاءِ جو ماڻهو پاڻ کان وڏي جو قسم کڻندا آهن؛ ۽ سندن سڀ ڪنهن تڪرار ۾ قسم آخرين ثابتي آهي.

17 تنهنڪري خدا جڏهن واعدي جي وارثن کي زيادہ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گهُريو تہ سندس ارادي ۾ ڪا ڦير گهير ڪانہ ٿيندي، تڏهن قسم کنيائين؛

18 تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.

19 اُها اُميد اسان جي جان جو اهڙو لنگر آهي، جو مضبوط ۽ قائم آهي، ۽ پردي جي اندر بہ پهچي ٿي؛

20 جتي يسوع اسان جي خاطر، هميشہ جي لاءِ ملڪ صدق جي طريقي موجب سردار ڪاهن ٿي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan