Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 5 - Sindhi Bible

1 ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن جو ماڻهن مان ٿو چونڊجي؛ سو ماڻهن جي لاءِ انهن ڳالهين واسطي مقرر ڪيو ٿو وڃي، جي خدا سان لاڳاپو ٿيون رکن، انهي لاءِ تہ نذر ۽ گناهن جون قربانيون ادا ڪري.

2 اُهو جاهلن ۽ گمراهہ ٿيلن سان نرميءَ جي هلت ڪري ٿو سگهي، ڇالاءِ جو هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ کان آجو نہ آهي.

3 انهي ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ گناهن جي لاءِ جهڙي اُمت جي واسطي قرباني ڪري، تهڙي پنهنجي واسطي بہ ڪري.

4 ۽ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي لاءِ تيسين اها عزت اختيار نٿو ڪري، جيسين ڪ هارون وانگر خدا کان سڏيو نٿو وڃي.

5 ساڳيءَ طرح مسيح بہ سردار ڪاهن ٿيڻ جي عزت پاڻ کي پاڻهي نہ ڏني، پر انهي ڏنيس جنهن کيس چيو، تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين“؛

6 جيئن ڪ ٻئي هنڌ بہ چيل آهي، تہ ”تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.“

7 پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون.

8 جيتوڻيڪ هو فرزند هو، تہ بہ هن ڏک سهي فرمانبرداري سکي؛

9 ۽ ڪامل بڻجي پنهنجن سڀني فرمانبردارن لاءِ ابدي نجات جو باني ٿيو؛

10 ۽ خدا جي طرفان ملڪ صدق جي طريقي جي سردار ڪاهن جو عهدو مليس.

11 انهي بابت اسان کي گهڻيون ڳالهيون چوڻيون آهن؛ جن جي سمجهاڻي ڏيڻ مشڪل آهي، ڇالاءِ جو اوهين ڪَنن کان گهٻرا ٿيا آهيو.

12 هن ڪري جو هيتري وقت ۾ تہ اوهان کي استاد ٿيڻ گهُربو هو، پر اوهان کي اڃا انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت آهي تہ ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام جي اصولن جي ابتدائي تعليم اوهان کي ڏئي؛ ۽ اهڙا ٿيا آهيو جو سخت کاڌي کائڻ جي بدلي اوهان کي اڃا کير جي گهُرج آهي.

13 ڇالاءِ جو جيڪو کير پياڪ آهي، تنهن کي راستبازيءَ جي ڪلام جو ڪوبہ آزمودو ڪونهي، جو هو اڃا ٻار آهي.

14 پر سخت کاڌو بالغن جي لاءِ آهي، يعني اُهي جن جا حواس استعمال ڪرڻ ڪري هو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو امتياز ڪري سگهن ٿا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan