Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 4 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري اسان کي خبردار رهڻ گهرجي تہ جڏهن هن جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رهيل آهي، تڏهن متان ائين نہ ٿئي تہ اوهان مان ڪو پوئتي رهجي وڃي.

2 ڇالاءِ جو اسان کي بہ اهڙي خوشخبري ٻُڌائي ويئي آهي جهڙي هنن کي ٻُڌائي ويئي هئي: پر ڪلام، جو ٻُڌو هئائون، تنهن مان کين فائدو ڪونہ رسيو؛ ڇالاءِ جو جن اهو ٻُڌو، تن ۾ اسان جهڙو ايمان ڪونہ هو.

3 ڇالاءِ جو اسان جن ايمان آندو، سي انهي آرام ۾ داخل ٿا ٿيون. جيئن ڪ هن چيو آهي، تہ ”مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ قسم کنيو هو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا،“ جيتوڻيڪ جهان جي بنياد کان ئي هن جا ڪم پورا ٿيا هئا.

4 ڇالاءِ جو هن ڪنهن هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن چيو آهي، تہ ”خدا پنهنجا سڀيئي ڪم پورا ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“

5 ۽ وري انهي هنڌ چيو اٿس تہ ”هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.“

6 تنهنڪري جڏهن اِها ڳالهہ باقي رهيل آهي تہ ڪي انهي آرام ۾ داخل ٿيندا، ۽ جن کي اڳي خوشخبري ٻُڌائي ويئي هئي، سي نافرمانيءَ جي ڪري داخل نہ ٿيا،

7 تڏهن وري هو هڪڙو خاص ڏينهن ٿو ٺهرائي، ۽ ڪيتري عرصي کانپوءِ دائود جي ڪتاب ۾ انهي کي اڄوڪو ڏينهن ٿو چوي، جيئن ڪ اڳي بہ چيو ويو هو تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“

8 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن يشوع انهن کي آرام ۾ داخل ڪري ها، تہ خدا انهي کانپوءِ ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.

9 تنهنڪري خدا جي اُمت لاءِ سبت جو آرام باقي رهيل آهي.

10 ڇالاءِ جو جيڪو خدا جي آرام ۾ داخل ٿو ٿئي، تنهن کي بہ پنهنجن ڪمن کان اهڙيءَ طرح آرام ٿو ملي، جهڙيءَ طرح خدا پنهنجن ڪمن کان آرام ڪيو.

11 تنهنڪري اچو تہ اسين انهي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو سعيو ڪريون تہ ڪوبہ ماڻهو انهن وانگر نافرماني ڪري گمراهہ نہ ٿئي.

12 ڇالاءِ جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ مؤثر آهي، ۽ ٻہ ڌاري ترار کان بہ تکو آهي، ۽ اندر ۾ اهڙو چُڀيو وڃي، جو جان ۽ روح کي، سَنڌن توڙي گودي کي ڌار ڪيو وجهي، ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي ظاهر ٿو ڪري.

13 اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.

14 تنهنڪري جڏهن اسان جو هڪڙو وڏو سردار ڪاهن آهي، جو آسمانن مان لنگهي ويو آهي، يعني خدا جو فرزند يسوع، تڏهن اچو تہ اسين پنهنجي اقرار تي قائم رهون.

15 ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.

16 تنهنڪري اچو تہ همت رکي فضل جي تخت وٽ هلون تہ اسان تي رحم ٿئي، ۽ اُهو فضل حاصل ڪريون جو گهُرج وقت اسان جي مدد ڪري سگهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan