عبرانين 3 - Sindhi Bible1 تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا. 2 هو پنهنجي مقرر ڪرڻ واري سان وفادار هو، جيئن ڪ موسيٰ بہ خدا جي گهر ۾ وفادار هو. 3 تنهن هوندي بہ يسوع هن کان ايتري قدر زيادہ جلال جي لائق ليکيو ويو، جيتري قدر ڪنهن گهر جو جوڙيندڙ انهي گهر کان زيادہ عزت وارو ليکبو آهي. 4 ڇوتہ سڀ ڪنهن گهر جو ڪونہ ڪو جوڙيندڙ آهي؛ پر جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون سو خدا آهي. 5 هاڻي موسيٰ تہ خدا جي گهراڻي ۾ خادم وانگر ايماندار ۽ وفادار رهيو؛ انهي لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون پوءِ بيان ٿيڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي؛ 6 پر مسيح فرزند طور هن جي گهر جو مختيار آهي؛ ۽ سندس گهر اسين آهيون؛ بشرطيڪ پنهنجي همت ۽ اُميد جو فخر توڙ تائين قائم رکندا اچون. 7 تنهنڪري جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو، تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين هن جو آواز ٻُڌو، 8 تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن ڪاوڙائڻ مهل آزمائش جي ڏينهن رڻ پٽ ۾ هنن ڪيو، 9 جتي اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي آزمايو، ۽ چاليهہ ورهيہ منهنجا ڪم ڏٺائون. 10 تنهنڪري انهيءَ پيڙهيءَ سان آئون ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ هو هميشہ پنهنجي دل ۾ گمراهہ ٿا ٿين: پر انهن منهنجين واٽن کي ڪين سڃاتو. 11 ۽ مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.“ 12 اي ڀائرو، سنڀال ڪجو تہ متان اوهان مان ڪنهن جي دل اهڙي خراب ۽ بي ايمان ٿئي جو زندہ خدا کان ڦري وڃي. 13 جيسين ڪ اڄوڪو ڏينهن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين روز بروز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو؛ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ڪري سخت دل ٿي پوي: 14 ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛ 15 جو چيل آهي، تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن ڪاوڙائڻ مهل ڪيوَ.“ 16 ڇالاءِ جو اهي ڪير هئا جن آواز ٻُڌڻ مهل کيس ڪاوڙايو؟ اُهي سڀيئي نہ هئا ڇا، جيڪي موسيٰ جي وسيلي مصر مان نڪتا هئا؟ 17 ۽ اهي ڪير هئا، جن سان هو، چاليهہ ورهيہ ناراض رهيو؟ ڇا اُهي نہ هئا، جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش برپٽ ۾ پيا رهيا؟ 18 ۽ اهي ڪير هئا، جن سان هن اهو قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا، سواءِ انهن جي، جن نافرماني ڪئي؟ 19 سو اسين ڏسون ٿا تہ هو ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل نہ ٿي سگهيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society