Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 2 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري جيڪي ڳالهيون ٻُڌيون اٿئون، تن تي اسان کي زيادہ ڌيان ڏيڻ گهرجي، تہ متان انهن کان پري ڇڪجي وڃون.

2 ڇالاءِ تہ جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻُڌايو ويو هو، سو جيڪڏهن محڪم ثابت ٿيو، ۽ سڀ ڪنهن قصور ۽ نافرمانيءَ جو مناسب بدلو مليو؛

3 تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛

4 خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.

5 ڇالاءِ جو ايندڙ جهان جنهن جو اسين ذڪر ٿا ڪريون، تنهن کي هن ملائڪن جي تابع نہ ڪيو،

6 پر ڪنهن هنڌ شاهدي ڏني ويئي آهي، تہ ”انسان ڇا آهي جو تون هن جو خيال ٿو ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ٿو ڪرين؟

7 تو هن کي ملائڪن کان ٿورو گهٽ ڪيو؛ تو هن تي جلال ۽ عزت جو تاج رکيو؛ ۽ پنهنجي هٿ جي ڪاريگريءَ جي مٿان مقرر ڪيو؛

8 تو سڀ شيون تابع ڪري هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون.“ ڇالاءِ جو جنهن صورت ۾ سڀ شيون هن سندس تابع ڪري ڇڏيون آهن، تنهن صورت ۾ ڪابہ شيءِ اهڙي نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ هجي. پر اڃا اسين سڀ شيون هن جي تابع نٿا ڏسون.

9 پر اسين يسوع کي ٿا ڏسون، جو خدا جي فضل سان هر ڪنهن ماڻهوءَ جي لاءِ موت جو سواد چکڻ جي واسطي، ملائڪن کان ٿورو گهٽ ڪيو ويو، ۽ موت جو عذاب سهڻ ڪري جلال ۽ عزت جو تاج پهرايو ويس.

10 ڇالاءِ جو جنهن جي لاءِ سڀ شيون آهن، ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن لاءِ اهو مناسب هو تہ جڏهن گهڻن پٽن کي جلال تائين پهچائي، تڏهن انهن جي نجات جي بانيءَ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري.

11 هن ڪري جو جيڪو پاڪ ڪري ٿو ۽ جيڪي پاڪ ٿين ٿا، سي سڀ هڪ مان ئي آهن؛ انهيءَ سبب ڪري هو انهن کي ڀاءُ ڪري سڏڻ کان نٿو شرمائي.

12 ڇو جو هو فرمائي ٿو تہ ”آئون تنهنجو نالو پنهنجن ڀائرن سان بيان ڪندس، ۽ جماعت جي وچ ۾ تنهنجي تعريف ڳائيندس.“

13 ۽ وري هي تہ ”آئون هن تي اعتقاد رکندس.“ ۽ وري هي تہ ڏس ”انهن ٻارن سميت جي خدا مون کي ڏنا آهن.“

14 تنهنڪري جڏهن ٻار گوشت ۽ رت ۾ شريڪ آهن، تڏهن هو پاڻ بہ ساڳيءَ طرح انهي ۾ ڀائيوار آهي، تہ جنهن کي موت تي اختيار هو تنهن کي، يعني شيطان کي، موت جي وسيلي نيست ڪري؛

15 ۽ جيڪي سڄي عمر موت جي ڊپ کان غلاميءَ ۾ گرفتار هئا، تن سڀني کي آزاد ڪري.

16 ڇالاءِ جو حقيقت ڪري هو ملائڪن جي دست گيري نٿو ڪري، پر ابراهيم جي نسل جي ٿو ڪري.

17 تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.

18 ڇو جو جڏهن هو پاڻ آزمايو ويو ۽ ڏک سَٺائين، تڏهن ٻيا جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا، تن جي بہ مدد ڪري ٿو سگهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan