Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 13 - Sindhi Bible

1 شل ڀائرن جي محبت قائم رهندي اچي.

2 مهمان نوازي ڪرڻ کان غافل نہ رهو؛ ڇالاءِ جو انهي ڪري ڪن بي خبريءَ ۾ ملائڪن جي مهمانداري ڪئي آهي.

3 قيدين کي اهڙيءَ طرح ياد ڪريو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان قيد ۾ آهيو؛ ۽ جن سان بدسلوڪي ڪرڻ ۾ ٿي اچي، تن کي بہ ياد ڪريو ۽ سمجهو تہ اوهان کي بہ انهن جهڙو جسم آهي.

4 سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ شادي وڏي عزت جي ڳالهہ آهي، ۽ بسترو بي داغ رهي؛ ڇالاءِ جو زناڪارن ۽ حرامڪارن کي خدا سزا ڏيندو.

5 پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“

6 تنهن ڪري اسين همت رکي چئي ٿا سگهون تہ ”خدا منهنجو مددگار آهي؛ آئون ڪين ڊڄندس؛ ماڻهو مون کي ڇا ڪندو؟“

7 جيڪي اوهان جا اڳواڻ هئا ۽ اوهان کي خدا جو ڪلام ٻُڌايائون، تن کي ياد ڪريو ۽ انهن جي حياتيءَ جي نتيجي جو ويچار ڪري انهن جهڙو ايمان رکو.

8 يسوع مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ هميشہ تائين ساڳيو ئي آهي.

9 جدا جدا قسم جي ۽ ڌارين تعليمن تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو: ڇالاءِ جو فضل جي وسيلي دل کي قائم رکڻ چڱو آهي، نہ انهن طعامن جي وسيلي جن جي کائڻ وارن کي فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.

10 اسان جي هڪڙي اهڙي قربانگاهہ آهي، جنهن مان خيمي جي خدمت ڪرڻ وارن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.

11 ڇالاءِ جو جن جانورن جو رت سردار ڪاهن پاڪ جاءِ ۾ گناهہ جي ڪفاري جي لاءِ کڻي ٿو وڃي، تن جا لاشا منزلگاهہ جي ٻاهر ساڙيا ٿا وڃن.

12 تنهنڪري يسوع بہ پنهنجي اُمت کي پاڻ پنهنجي رت جي وسيلي پاڪ ڪرڻ لاءِ دروازي جي ٻاهر ڏک سَٺا.

13 انهي ڪري اچو تہ اسين بہ هن جي خواري پاڻ تي کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.

14 ڇالاءِ جو هتي اسان جو ڪو جٽاءُ ڪندڙ شهر ڪونهي، پر اسين اهڙي جي تلاش ۾ آهيون جو اچڻو آهي.

15 تڏهن اچو تہ انهي جي وسيلي هميشہ خدا جي تعريف جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهن چپن جو ڦل، جي سندس نالي جو اقرار ٿا ڪن.

16 پر نيڪي ڪرڻ ۽ خيرات ڏيڻ متان وساريو: ڇالاءِ جو اهڙين قربانين ڪري خدا خوش ٿو ٿئي.

17 جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن جا تابعدار ۽ فرمانبردار رهو: ڇالاءِ جو هو اوهانجن روحن جي فائدي لاءِ انهن وانگر سجاڳ ٿا رهن، جن کي حساب ڏيڻو پوندو؛ تان تہ هو اِهو ڪم خوشيءَ سان ڪن، نہ رنج سان، ڇالاءِ جو انهيءَ طرح اوهان کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.

18 اسان جي لاءِ دعا گهُرو، ڇالاءِ جو اسان کي پڪ آهي تہ اسان جي نيت صاف آهي، ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايمانداريءَ سان گذارڻ ٿا گهُرون.

19 ۽ آئون ائين ڪرڻ لاءِ هن ڪري گهڻي قدر منٿ ٿو ڪريان تہ آئون اوهان وٽ جلد موٽي اچي سگهان.

20 هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،

21 سو شل اوهان کي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سندس مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڪامل ڪري، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ پسند آهي سو يسوع مسيح جي وسيلي اسان ۾ پيدا ڪري؛ انهي جي وڏائي هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.

22 پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ هن نصيحت جي ڪلام جي برداشت ڪريو: ڇالاءِ جو مون اوهان ڏانهن مختصر طور لکيو آهي.

23 اوهان کي خبر هجي تہ اسان جو ڀاءُ تيمٿيس آزاد ٿيو آهي؛ جي اُهو جلد آيو تہ ساڻس گڏ آئون بہ اوهان کي اچي گڏبس.

24 جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن سڀني کي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن کي سلام ڏجو. اطاليہ وارا اوهان کي سلام ٿا ڏين.

25 شل اوهان سڀني تي فضل ٿئي. آمين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan