عبرانين 12 - Sindhi Bible1 تنهنڪري جڏهن شاهدن جو هيڏو وڏو بادل اسان جي چوڌاري بيٺل آهي، تڏهن اچو تہ اسين بہ سڀڪو بار ۽ گناهہ، جو اسان کي آسانيءَ سان چنبڙيو پوي، تنهن کان پاسو ڪريون، ۽ صبر سان اُها ڊوڙ ڊوڙون، جا اسان جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي. 2 ۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي. 3 ڇالاءِ جو جنهن گنهگارن جي طرفان ايتري مخالفت سَٺي، تنهن تي غور ڪريو، تان تہ اوهين بيزار ٿي همت نہ هاريو. 4 اوهان گناهہ جو مقابلو ڪرڻ ۾ اڃا ايتري مخالفت نہ ڪئي آهي جو رت وهايو وڃي: 5 ۽ اوهان اُها نصيحت وساري ڇڏي آهي جا پٽن وانگر اوهان کي ڪئي ويئي هئي، تہ ”اي منهنجا فرزند، خداوند جي سيکت کي ڪين جهڙو نہ ڄاڻ، جڏهن اهو تو کي ڇينڀي، تڏهن دل نہ لاهہ؛ 6 ڇالاءِ جو جنهن سان خدا محبت ٿو رکي، تنهن کي هو تربيت ٿو سيکاري ۽ جنهن کي پٽ ٿو ٺهرائي، تنهن کي سيکت ٿو ڏئي.“ 7 اوهين جو ڏک سَهو ٿا سو اوهان جي تربيت لاءِ آهي؛ خدا اوهان سان اهڙي هلت ٿو ڪري جهڙي پٽن سان ڪبي آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڪهڙو پٽ آهي، جنهن کي سندس پيءُ تربيت نٿو ڏئي؟ 8 پر جي اوهان کي اها تربيت نہ ملي، جنهن ۾ سڀ شريڪ ٿيا آهن، تڏهن اوهين حرامزادا ٿيا، نہ سچا پٽ. 9 تنهن کانسواءِ جي جسماني پيءُ اسان کي سيکت ڏيندا هئا تہ اسين انهن جي تعظيم ڪندا هئاسين؛ تڏهن روحن جي پيءُ جي اسين وڌيڪ تابعداري نہ ڪريون ڇا تہ جيئرا رهون؟ 10 ڇالاءِ جو هو تہ ٿورن ڏينهن جي لاءِ جيئن مناسب سمجهندا هئا، تيئن اسان کي سيکت ڏيندا هئا؛ پر هي اسان جي فائدي لاءِ ٿو ڪري، تہ اسين هن جي پاڪيزگيءَ ۾ شامل ٿيون. 11 في الحال سڀ ڪنهن سيکت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي، بلڪ غم جو سبب ٿي ڏسجي، تڏهن بہ جيڪي اها سهي سهي پڪا ٿي ويا آهن، تن کي راستبازيءَ جو ڦل ٿي ڏئي، جنهن مان اطمينان حاصل ٿو ٿئي. 12 تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا سڌا ڪريو، 13 ۽ پنهنجي پيرن جي لاءِ رستا سنوان ڪريو، تہ جيڪو منڊو آهي سو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇُٽي چڱو ڀلو ٿئي. 14 سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ رکو، ۽ پاڪيزگيءَ جا طالب ٿيو، جنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خداوند کي نہ ڏسندو. 15 خبرداريءَ سان نظر ڪندا رهو، تہ ڪوبہ ماڻهو خدا جي فضل کان محروم نہ رهجي وڃي؛ متان ڪا ڪَڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي، ۽ انهي جي ڪري گهڻا ناپاڪ ٿي پون؛ 16 متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ جهڙو بي دين ماڻهو ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي لاءِ پنهنجي پهريتي جو حق وڪڻي ڇڏيو. 17 ڇالاءِ جو خبر اٿوَ تہ انهي کانپوءِ جڏهن هن برڪت جو وارث ٿيڻ گهُريو، تڏهن هو منظور نہ ٿيو (ڇوتہ هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڪونہ مليو) جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙي انهيءَ کي هٿ ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. 18 ڇالاءِ جو اوهين اُنهي جبل وٽ ڪونہ آيا آهيو، جنهن کي ڇهڻ ممڪن نہ هو، ۽ جو باهہ سان پئي ٻريو، ۽ جنهن تي ڪاراڻ ۽ اونداهي ۽ طوفان، 19 ۽ تريءَ جو شور ۽ انهن ڪلامن جو آواز هو، جنهن جي ٻُڌڻ وارن منٿ ڪري چيو تہ هاڻي اسان کي وڌيڪ نہ ٻُڌايو وڃي: 20 ڇالاءِ جو هن حڪم جي هو برداشت ڪري نہ سگهيا تہ ”جيڪڏهن ڪو جانور بہ انهي جبل کي ڇهندو تہ اُهو سنگسار ڪيو ويندو.“ 21 ۽ هو نظارو اهڙو خوفناڪ هو جو موسيٰ چيو تہ ”آئون ڏاڍو ڊڄان ٿو ۽ ڏڪان ٿو.“ 22 پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛ 23 ۽ پهريتن جي عام جماعت، يعني ڪليسيا وٽ، جن جا نالا آسمان جي ياداشت ۾ داخل آهن. ۽ سڀني جي منصف خدا وٽ، ۽ ڪامل ڪيل راستبازن جي روحن وٽ، 24 ۽ نئين عهد جي درميانيءَ يسوع وٽ، ۽ اُنهي ڇڻڪيل رت وٽ، جو هابل جي رت کان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪري. 25 خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين. 26 اُهو، جنهن جي آواز انهي وقت زمين کي لوڏي ڇڏيو، پر هاڻي هن واعدو ڏيئي چيو آهي، تہ ”هڪڙو ڀيرو اڃا بہ نہ رڳو زمين کي پر آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“ 27 ۽ اهي لفظ تہ ”هڪڙو ڀيرو اڃا بہ،“ ڏيکارين ٿا تہ جيڪي شيون لوڏجن ٿيون، سي پيدا ڪيلن شين وانگر گم ٿي وينديون، انهي لاءِ تہ جيڪي نٿيون لڏن سي قائم رهن. 28 تنهنڪري اچو تہ جيڪا بادشاهت لڏڻ جي نہ آهي، سا حاصل ڪري اهو فضل هٿ ڪريون، جنهن ڪري اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون، جو اُها خدا کي پسند اچي؛ 29 ڇالاءِ جو اسان جو خدا ڀسم ڪرڻ واري باهہ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society