Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 11 - Sindhi Bible

1 هاڻي ايمان، جن شين جي اُميد اٿئون تن جو يقين، ۽ جيڪي نہ ڏٺو اٿئون تنهن جي ثابتي آهي.

2 ڇالاءِ جو انهي جي ڪري بزرگن جي لاءِ الاهي شاهدي ڏني ويئي هئي.

3 ايمان ئي جي ڪري اسين سمجهون ٿا تہ عالم خدا جي ڪلام سان جڙيو ۽ انهن شين مان جي ظاهري ڏسڻ ۾ نٿيون اچن.

4 ايمان ئي جي ڪري هابل خدا وٽ قائن کان زيادہ عمدي قرباني چاڙهي، جنهنڪري هن جي راستباز هئڻ جي شاهدي ڏني ويئي، جو خدا هن جي نذرن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني: ۽ جيتوڻيڪ هو مري ويو تہ بہ ايمان ئي جي وسيلي اڃا ڳالهائي پيو.

5 ايمان ئي جي ڪري حنوڪ مٿي کنيو ويو تہ موت نہ ڏسي؛ ۽ هن جو پتو ڪونہ پيو، ڇالاءِ جو خدا کڻي ورتس: هن ڪري جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳي سندس نسبت ۾ اها شاهدي ڏني ويئي، تہ هو خدا کي پسند آيو آهي.

6 ۽ ايمان کانسواءِ هن کي پسند اچڻ ناممڪن آهي: ڇالاءِ جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنهن کي ايمان آڻڻ گهرجي تہ هو موجود آهي، ۽ جيڪي سندس طالب آهن، تن کي اجر ٿو ڏئي.

7 ايمان ئي جي ڪري جيڪي ڳالهيون اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، تن جي نسبت ۾ خدا نوح کي خبردار ڪيو، ۽ هن خدا جي خوف کان پنهنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار ڪئي؛ ۽ ائين ڪرڻ سان هن جهان کي ڏوهاري ٺهرايو، ۽ پاڻ انهيءَ راستبازيءَ جو وارث ٿيو جا ايمان جي ڪري آهي.

8 ايمان جي ڪري جڏهن ابراهيم کي سڏ ٿيو، تڏهن حڪم مڃي انهي هنڌ ويو، جتي کيس ورثو ملڻو هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، تہ بہ اُٿي روانو ٿيو.

9 ايمان ئي جي ڪري هو واعدي مليل ملڪ ۾ اهڙيءَ طرح مسافر ٿي رهيو، جهڙيءَ طرح ڪو پرديس ۾ رهي، ۽ اسحاق ۽ يعقوب، جي انهي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، تن سوڌو تنبن ۾ رهڻ لڳو.

10 ڇالاءِ جو هو انهي شهر جو اُميدوار هو جنهن جو بنياد پيل آهي، ۽ جنهن جو معمار ۽ اڏيندڙ خدا آهي.

11 ايمان ئي جي ڪري سارہ پاڻ بہ ٻڍاپي ۾ حاملہ ٿيڻ جي طاقت حاصل ڪئي، سو هن ڪري جو هن واعدي ڪرڻ واري کي سچو سمجهيو:

12 ۽ انهي ڪري هڪڙو شخص جو تمام پيرسن هو، تنهن مان آسمان جي تارن جيترا، ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جيترا، بيشمار ماڻهو پيدا ٿيا.

13 اهي سڄي عمر ايمان تي قائم هئا، ۽ جيتوڻيڪ واعدي جون شيون نہ ملين، مگر پري کان انهن کي ڏسي انهن جي مرحبا ڪيائون، ۽ قبول ڪيائون تہ اسين زمين تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.

14 ڇالاءِ جو جيڪي اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، سي ڏيکارين ٿا تہ اسين پنهنجي وطن جي ڳولا ۾ آهيون.

15 ۽ جنهن ملڪ مان هو نڪري آيا هئا، سو جيڪڏهن هو ياد ڪن ها، تہ جيڪر کين موٽي وڃڻ جو وجهہ ملي ها؛

16 پر هاڻي هو بهتر ملڪ يعني آسماني ملڪ جي لاءِ خواهشمند آهن: جنهنڪري خدا هنن جو، يعني سندن خدا سڏجڻ کان، شرمندو نٿو ٿئي: ڇالاءِ جو هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.

17 ايمان ئي جي ڪري ابراهيم آزمائش وقت اسحاق کي قربان ڪيو: هائو، جنهن خوشيءَ سان واعدا قبول ڪيا، سو پنهنجي هڪڙي ئي پٽ کي قربان ڪرڻ تي هو؛

18 جنهن جي بابت چيو ويو تہ ”اسحاق مان ئي تنهنجو نسل جاري ٿيندو.“

19 ڇالاءِ جو هن سمجهيو تہ خدا کي مُئلن مان جيارڻ جي قدرت آهي؛ ۽ مثال طرح انهن مان ئي هو کيس وري مليو.

20 ايمان ئي جي ڪري اسحاق آئيندہ جي ڳالهين بابت يعقوب ۽ عيسوءَ کي برڪت ڏني.

21 ايمان ئي جي ڪري يعقوب مرڻ وقت يوسف جي ٻنهي پٽن کي برڪت ڏني، ۽ پنهنجي لٺ تي ٽيڪ ڏيئي سجدو ڪيائين.

22 ايمان ئي جي ڪري جڏهن يوسف مرڻ تي هو، تڏهن بني اسرائيل جي خروج جو ذڪر ڪيائين؛ ۽ پنهنجين هڏين بابت حڪم ڏنائين.

23 ايمان ئي جي ڪري موسيٰ جي مائٽن سندس ڄمڻ کانپوءِ کيس ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو، ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ ٻار خوبصورت آهي؛ ۽ هو بادشاهہ جي حڪم کان ڊنا ڪين.

24 ايمان ئي جي ڪري جڏهن موسيٰ وڏو ٿيو، تڏهن فرعون جي ڌيءَ جي پٽ سڏجڻ کان انڪار ڪيائين؛

25 هن ڪري جو هن ٿوري وقت تائين گناهہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران، خدا جي اُمت سان ڏک سهڻ زيادہ پسند ڪيو؛

26 ۽ مسيح جي واسطي ذلت سهڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجهيائين: ڇالاءِ تہ جيڪو اجر ملڻو هوس، تنهن تي سندس نظر هئي.

27 ايمان ئي جي ڪري هن بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين: ۽ اهڙي طرح برداشت ڪيائين جو ڄڻ تہ اڻ ڏٺل کي ٿو ڏسي.

28 ايمان ئي جي ڪري هن فسح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇڻڪيائين، تان تہ پهريتن ٻارن جو برباد ڪندڙ کين هٿ نہ لائي.

29 ايمان ئي جي ڪري هو ڳاڙهي سمنڊ مان ائين لنگهي ويا جيئن سُڪيءَ تان لنگهبو آهي: ۽ جڏهن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ٻُڏي مُئا.

30 ايمان ئي جي ڪري يريحو جون ديوارون جڏهن ست ڏينهن انهن جي چوڌاري ڦيرا ڏنائون، تڏهن ڪِري پيون.

31 ايمان ئي جي ڪري راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ برباد نہ ٿي، ڇالاءِ جو هن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو.

32 هاڻي وڌيڪ آئون ڇا چوان؟ جو فرصت ڪانہ اٿم تہ جدعون، باراق، سمسون ۽ يفتہ جو ذڪر ڪريان؛ يا دائود ۽ سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان؛

33 جن ايمان ئي جي ڪري بادشاهتون فتح ڪيون، راستبازيءَ جا ڪم ڪيا، واعدا حاصل ڪيا، شينهن جا وات بند ڪيا،

34 باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون:

35 زالن کي سندن مُئل جيئرا ٿي مليا، ۽ ٻيا عذاب سهندي مري ويا، پر ڇوٽڪارو قبول نہ ڪيائون؛ انهي لاءِ تہ انهن کي بهتر قيامت نصيب ٿئي.

36 ٻين جي وري هن طرح آزمائش ٿي، جو مٿن کل ٺٺولي ڪيائون، کين چهبڪ هنيائون، بلڪ ٻيڙيون وجهي قيد ۾ بند ڪيائون:

37 هو سنگسار ڪيا ويا، ڪرٽ سان چيريا ويا، آزمائش هيٺ آيا، ترار سان قتل ٿيا: هو رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي محتاجيءَ، مصيبت ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ گهُمندا رهيا.

38 (دنيا انهن جي لائق نہ هئي)، هو بيابانن ۽ جبلن ۽ غارن ۽ زمين جي چرن ۾ رهيا.

39 ۽ جيتوڻيڪ انهن سڀني جي نسبت ۾ ايمان جي ڪري شاهدي ڏني ويئي هئي، تہ بہ واعدي واري نعمت حاصل ڪانہ ٿين،

40 ڇالاءِ جو خدا اسان جي لاءِ اڳيئي بهتر بندوبست ڪري ڇڏيو هو، تہ هو اسان کانسواءِ ڪامل نہ ڪيا وڃن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan