عبرانين 10 - Sindhi Bible1 ڇالاءِ جو شريعت انهن اچڻ وارين نعمتن جو عڪس آهي، نہ سندين اصلي صورت، تنهنڪري سال بسال جيڪي ساڳيون قربانيون هميشہ ڪرڻ ۾ ٿيون اچن، تن جي وسيلي ماڻهن کي ڪامل ڪري نٿي سگهي. 2 نہ تہ جيڪر قربانيون چاڙهڻ بند ٿي وڃن ها؟ ڇالاءِ جو جيڪڏهن عبادت ڪرڻ وارا هڪ دفعي پاڪ ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي گناهن جي يادگيري بہ ڪانہ رهي ها. 3 پر هنن قربانين جي ڪري سال بسال گناهن جي يادگيري ٿي پوي. 4 ڇالاءِ جو اهو ناممڪن آهي تہ ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهہ مٽائي ڇڏي. 5 تنهنڪري دنيا ۾ اچڻ مهل هو هيئن ٿو چوي، تہ ”قرباني ۽ نذراني کي تو پسند نہ ڪيو، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو بدن تيار ڪيو آهي، 6 سوختني قربانين ۽ گناهہ جي قربانين سان تون خوش نہ ٿئين: 7 تڏهن مون چيو تہ ڏس، (جيئن پاڪ ڪتاب ۾ منهنجي بابت لکيل آهي) اي خدا، آئون آيو آهيان تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان.“ 8 مٿي چيو اٿس تہ قربانيون ۽ نذرانا ۽ سوختني ۽ گناهہ جون قربانيون تو پسند نہ ڪيون، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين (جي شريعت موجب چاڙهبيون آهن،) 9 پر چوي ٿو تہ ”ڏس آئون آيو آهيان تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان.“ هو پهرئين کي رد ٿو ڪري، تہ ٻئي کي قائم ڪري. 10 انهيءَ مرضي جي ڪري اسين يسوع مسيح جي بدن جي هڪڙي ئي دفعي قربان ٿيڻ جي وسيلي پاڪ ٿي ويا آهيون. 11 ۽ سڀڪو ڪاهن تہ روز بروز بيهي عبادت ٿو ڪري، ۽ اُهي ئي ساڳيون قربانيون وري وري پيو چاڙهي، جي ڪڏهن بہ گناهن کي مٽائي نہ ٿيون سگهن: 12 پر هي شخص گناهن جي لاءِ هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو؛ 13 ۽ انهي وقت کان وٺي منتظر آهي جيستائين ڪ سندس دشمن سندس پيرن جي صندلي ٿين. 14 ڇالاءِ جو هڪڙي ئي قرباني چاڙهڻ سان هن هميشہ لاءِ انهن کي ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جي پاڪ ڪيا ٿا وڃن. 15 ۽ پاڪ روح بہ اسان کي شاهدي ٿو ڏئي: ڇالاءِ جو ائين چوڻ کانپوءِ، تہ 16 ”خداوند ٿو فرمائي تہ هي اهو عهد آهي جو آئون انهن ڏينهن کانپوءِ ساڻن ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس؛“ 17 ۽ وري ٿو چوي تہ ”هنن جا گناهہ ۽ هنن جون بدڪاريون آئون وري ياد نہ ڪندس.“ 18 هاڻي جڏهن هنن جي معافي ٿي ويئي، تڏهن وري گناهن جي قربانيءَ جي ضرورت نہ آهي. 19 تنهنڪري، اي ڀائرو، جڏهن اسان کي يسوع جي رت جي وسيلي اُنهيءَ پاڪ جاءِ ۾ داخل ٿيڻ جي همت ٿي آهي، 20 ۽ جڏهن هن نئون ۽ جيئرو رستو پردي يعني پنهنجي جسم منجهان اسان لاءِ مخصوص ڪيو آهي؛ 21 ۽ جڏهن اسان جو اهڙو وڏو ڪاهن آهي جنهن کي خدا جي گهر تي اختيار آهي؛ 22 تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون. 23 اچو تہ پنهنجيءَ اُميد جي اقرار کي اهڙو سوگهو ڪري جهليون جو انهيءَ کي لوڏو نہ اچي؛ ڇالاءِ جو جنهن واعدو ڪيو آهي سو سچو آهي. 24 ۽ اچو تہ محبت ۽ چڱن ڪمن ۾ همتائڻ لاءِ هڪٻئي جو خيال رکون؛ 25 ۽ پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪ ماڻهن جو دستور آهي، بلڪ هڪٻئي کي نصيحت ڪريون، ۽ جيئن جيئن اوهين اُهو ڏينهن ويجهو ايندو ڏسو، تيئن وڌيڪ انهيءَ طرح ڪندا رهو. 26 ڇالاءِ جو سچ جي سياڻپ حاصل ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن اسين ڄاڻي ٻجهي گناهہ ڪنداسين تہ گناهن جي ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رهندي، 27 پر عدالت جو هڪڙو خوفناڪ انتظار ۽ هيبت جهڙي باهہ سا باقي آهي، جا مخالفن کي کائي ويندي. 28 جو ماڻهو موسيٰ جي شريعت نٿو مڃي، سو ٻن يا ٽن ماڻهن جي شاهديءَ تي، سواءِ رحم جي ماريو ٿو وڃي: 29 تڏهن اوهين خيال ڪريو تہ اُهو شخص ڪيتري نہ وڌيڪ سزا جو لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. ۽ جنهن عهد جي رت سان هو پاڪ ڪيو ويو، تنهن کي هن هڪڙي ناپاڪ شيءِ ليکيو آهي، ۽ فضل جي روح کي بي عزت ڪيو اٿس. 30 ڇالاءِ جو اسين انهي کي ڄاڻون ٿا، جنهن چيو تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“ ۽ وري هي تہ ”خداوند پنهنجيءَ اُمت جي عدالت ڪندو.“ 31 زندہ خدا جي هٿن ۾ پوڻ خوفناڪ ڳالهہ آهي. 32 پر اڳوڻا ڏينهن ياد ڪريو، جڏهن روشن ٿيڻ کانپوءِ بہ اوهان تي ڏکن جو وسڪارو ٿيو. 33 پهرين تہ طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري هڪڙي تماشي جي شيءِ ٿي پيا، ۽ ٻيو تہ جن سان اهڙي هلت ٿي، تن سان شريڪ ٿيا. 34 ڇالاءِ جو جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي بہ ڪئي، ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لُٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ۽ يقين ڪيو تہ اوهان وٽ بهتر ۽ جٽاءُ ڪندڙ ملڪيت موجود آهي. 35 تنهنڪري پنهنجي همت نہ هاريو، جو انهي جي ڪري اوهان کي وڏا انعام ملندا. 36 ڇالاءِ جو اوهان کي صبر ڪرڻ ضروري آهي، تان تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اِهو واعدو حاصل ڪريو. 37 ”ڇالاءِ جو تمام ٿوري مدت باقي آهي جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو. 38 پر منهنجو راستباز بندو ايمان جي ڪري جيئندو؛ ۽ جي هو پٺتي هٽندو، تہ منهنجي دل هن کان خوش نہ ٿيندي.“ 39 پر اسين انهن مان نہ آهيون جي پٺتي هٽي برباد ٿا ٿين؛ بلڪ انهن مان آهيون جي ايمان آڻي پنهنجي روحن کي بچائين ٿا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society