Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حجيءَ 2 - Sindhi Bible

1 ستين مهيني جي ايڪيهين تاريخ خداوند جو ڪلام حجي نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ

2 يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق کي، ۽ قوم جي باقي رهيلن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ

3 اوهان مان ڪهڙو بچيو آهي جنهن هن گهر کي سندس اڳين رونق ۾ ڏٺو هو؟ ۽ هاڻي اوهين انهي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ اوهان جي نظر ۾ اُهو ڪين جهڙو آهي ڇا؟

4 انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي زروبابل، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ اي يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ملڪ جا سڀ رهاڪو، مضبوط ٿيو ۽ ڪم ڪريو: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان سان آهيان.

5 جيئن مصر مان نڪرڻ وقت مون اوهان سان عهد اقرار ڪيو، ۽ منهنجو روح اوهان سان رهيو: اوهين ڊپ نہ ڪريو.

6 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اڃا بہ هڪ دفعو، ٿوري وقت کانپوءِ، آءٌ آسمان ۽ زمين، سمنڊ ۽ سُڪيءَ کي لوڏيندس.

7 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي آءٌ سڀني قومن کي لوڏيندس، ۽ سڀني قومن جون دلپسند شيون اينديون، ۽ آءٌ هن گهر کي جلال سان ڀري ڇڏيندس.

8 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ چاندي منهنجي آهي ۽ سون بہ منهنجو آهي.

9 هن گهر جي پوئين رونق پهرين کان وڌيڪ ٿيندي: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هتي آءٌ صلح سلامتي بخشيندس.

10 دارا جي ٻئي سال ۾، نائين مهيني جي چوڏهين تاريخ خداوند جو ڪلام حجي نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ

11 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ شريعت بابت ڪاهنن کان پڇ ۽ چئين، تہ

12 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ گوشت پنهنجن ڪپڙن جي دامن ۾ کڻي وڃي، ۽ پنهنجي دامن سان ماني، يا ڀت، يا شراب، يا تيل، يا ڪنهن بہ کاڌي جي شيءِ کي ڇُهي، تہ اُها شيءِ پاڪ ٿي پوندي ڇا؟ ۽ ڪاهنن ورندي ڏيئي چيو تہ نہ.

13 تڏهن حجيءَ چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مردي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ اُهو انهن شين مان ڪا ڇهي تہ پوءِ اُها شيءِ ناپاڪ ٿيندي يا نہ؟ ۽ ڪاهنن ورندي ڏني تہ اُها ناپاڪ ٿيندي.

14 تڏهن حجيءَ ورندي ڏيئي چيو، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي اڳيان هن قوم جو ۽ هن خلق جو اهڙو حال آهي؛ ۽ انهن جي هٿن جي سڀ ڪنهن ڪم جو بہ ساڳيو حال آهي، ۽ جيڪو نذرانو ڪري پيش ڪن ٿا سو ناپاڪ آهي.

15 ۽ هاڻي آءٌ اوهان کي منٿ ڪري ٿو چوان تہ اوهين اڄ کان وٺي اڳتي، جڏهن خداوند جي هيڪل ۾ اڃا پٿر تي پٿر نہ رکيو ويو، تنهن کان بہ اڳي جو خيال ڪريو:

16 انهيءَ زماني جو، جڏهن ڪو ماڻهو ويهن ماڻهن جي ڍڳ تي ٿي آيو، تہ فقط ڏهہ ئي هئا؛ جڏهن ڪو شراب جي چيچڙي مان پنهنجا دنگ ڪڍڻ لاءِ اچي، تڏهن رڳو ويهہ ئي هجن.

17 مون اوهان کي جهولي، ۽ رتي، ۽ ڳڙن سان اوهان جي سڄي محنت تي ڌڪ هنيو؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين مون ڏي نہ ڦريا.

18 آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اڄ کان وٺي اڳتي انهي ڳالهہ جو خيال ڪريو، يعني نائين مهيني جي چوڏهين تاريخ کان، انهي ڏينهن کان جڏهن خداوند جي هيڪل جو بنياد پيو، اوهين انهي جو ويچار ڪريو.

19 ٻج اڃا انبار خاني ۾ آهي ڇا؟ هائو، ڊاک ۽ انجير جي وڻ، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻ اڃا ڦر نہ جهليو آهي؛ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪت ڏيندس.

20 ۽ خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو، انهي مهيني جي چوڏهين تاريخ حجيءَ تي نازل ٿيو.

21 تہ يهوداہ جي والي زروبابل کي چئُہ تہ آءٌ زمين ۽ آسمان کي لوڏيندس:

22 ۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.

23 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن، اي منهنجا ٻانها زروبابل، سيالتي ايل جا پٽ، آءٌ توکي وٺندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي نگينہ منڊيءَ وانگي ڪندس: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توکي چونڊيو آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan