حجيءَ 1 - Sindhi Bible1 دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ جي معرفت، يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ ڪاهنن جي سردار يشوع بن يهوصدق تي نازل ٿيو، 2 تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هيءَ قوم چوي ٿي تہ اسان جي اچڻ جو اڃا اهو وقت نہ آهي، يعني خداوند جي گهر جي جڙڻ جو وقت. 3 تڏهن خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ 4 اهو ڪو وقت آهي ڇا تہ اوهين پاڻ پنهنجين ڇتين پيل گهرن ۾ رهو، ۽ هي گهر ويران پيو هجي؟ 5 تنهنڪري هاڻي لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو. 6 اوهان گهڻو ئي پوکيو پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو؛ اوهين کائو ٿا پر ڍءُ ڪين ٿو ٿئي: اوهين پيئو ٿا، پر آسودا نٿا ٿيو، اوهين ڪپڙا ڍڪيو ٿا، پر اوهان مان ڪوبہ گرم نٿو رهي؛ ۽ جيڪو مزوري ڪمائي ٿو، سو انهيءَ لاءِ ڪمائي ٿو تہ ٽُنگن واري ڳوٿريءَ ۾ وجهي. 7 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو. 8 پهاڙي علائقي ۾ وڃو ۽ ڪاٺ آڻي گهر اڏيو؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ ۾ خوش ٿيندس، ۽ انهيءَ ۾ منهنجي وڏائي ظاهر ٿيندي. 9 اوهان گهڻي جي اُميد رکي، پر ڏسو ٿورو ٿي پيو؛ ۽ جڏهن اهو اوهين پنهنجو حاصل گهر کڻي آيا، تڏهن مون ڦوڪ ڏيئي اُهو اُڏائي ڇڏيو. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ جو منهنجو گهر ويران پيو آهي ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر ڊوڙندو ٿو وڃي. 10 تنهنڪري اوهان جي خاطر آسمان مان ماڪ نٿي پوي؛ ۽ زمين جو ڦر روڪجي ويو آهي. 11 ۽ مون ملڪ تي ۽ جبلن تي، اَن تي ۽ شراب تي، تيل تي ۽ زمين جي پيدائش تي، ۽ ماڻهن تي ۽ چوپائي مال تي، ۽ اوهان جي هٿن جي سڄي پورهئي تي خشڪ سالي ڪوٺي آندي آهي. 12 تڏهن زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن، قوم جي سڀني باقي رهيلن سميت، خداوند پنهنجي خدا جو حق مڃيو، ۽ حجي نبيءَ جون ڳالهيون بہ مڃيون، جنهن کي خداوند سندن خدا موڪليو هو؛ ۽ سڀ خداوند جي حضور ۾ خوف ڪرڻ لڳا. 13 تڏهن خداوند جي پيغمبر حجيءَ ماڻهن کي خداوند جو پيغام ٻڌايو ۽ چيائين، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان سان آهيان. 14 ۽ خداوند يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل جي روح کي، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق جي روح کي، ۽ قوم جي سڀني باقي رهيلن جي روح کي سجاڳ ڪيو، ۽ هو، لشڪرن جي خداوند، يعني پنهنجي خدا جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. 15 ۽ اهو دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾ ڇهين مهيني جي چوويهين تاريخ ٿيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society