حبقوق 3 - Sindhi Bible1 حبقوق نبيءَ جي دعا، جا شگايونوت جي سُر تي آهي. 2 اي خداوند، آءٌ تنهنجي ناموس ٻڌي ڏڪي ويو آهيان. اي خداوند، تون پنهنجو ڪم هن ئي زماني ۾ بحال ڪر. هن ئي زماني ۾ انهي کي پڌرو ڪر؛ قهر جي وقت ۾ رحم ياد ڪر. 3 خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي. 4 ۽ هن جي روشنائي نور جهڙي هئي، ترورا سندس هٿ مان پئي نڪتا، ۽ انهيءَ ۾ سندس قدرت لڪل هئي. 5 هن جي اڳيان مري ٿي ويئي؛ ۽ هن جي پيرن وٽان باهہ جا تير ٿي نڪتا. 6 هو اُٿيو ۽ زمين ماپيائين، ۽ هن نهاريو ۽ قومن کي هڪالي جدا ڪيائين: مدامي جبل پکڙي ويا، ۽ هميشہ جٽاءُ ڪندڙ ٽڪر جهڪي ويا؛ هن جون راهون مدامي آهن. 7 مون ڪوشن جا تنبو مصيبت ۾ ڏٺا: مديان جي ملڪ جا پردا ڏڪي ويا. 8 خداوند ندين کان رنج ٿيو آهي ڇا؟ تنهنجو غصو ندين تي ۽ تنهنجي ڪاوڙ سمنڊ تي هئي ڇا جڏهن تون پنهنجن گهوڙن تي، ۽ نجات جي گاڏين تي چڙهئين؟ 9 تنهنجي ڪمان ظاهر ڪئي ويئي؛ قومن سان ڪيل عهد قائم آهي. تو زمين کي ندين سان چيري ڇڏيو. 10 جبلن توکي ڏٺو ۽ ڏڪي ويا؛ پاڻيءَ جون لهرون لنگهي ويون؛ سمنڊ پنهنجو آواز ٻڌايو، ۽ لهرون مٿي چڙهي آيون. 11 تنهنجي اُڏامندڙ تيرن جي روشني ڪري، ۽ تنهنجي چمڪندڙ ڀالي جي روشنيءَ تي، سج ۽ چنڊ پنهنجي جاءِ ۾ ماٺ ڪري بيٺا؛ 12 تون ڪاوڙ ۾ ملڪ مان لنگهي وئين، تو غصي ۾ قومن کي ڳاهي ڇڏيو. 13 تون پنهنجي قوم جي نجات لاءِ، پنهنجي مسح ڪيل جي ڇوٽڪاري لاءِ آيو آهين. تو شريرن جي گهر جي ڇت ڪيرائي ڇڏي ۽ سندن بنياد بلڪل اُگهاڙا ڪري ڇڏيا. 14 تو سندن ئي لٺ سان سندن بهادرن جو سر ڦوڙيو: هو مون کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي وانگر آيا، ۽ هنن جي خواهش انهيءَ ۾ هئي تہ غريبن کي ڳجهيءَ طرح ڳهي وڃن. 15 تون پنهنجن گهوڙن تي سوار ٿي، سمنڊ جي مٿان پاڻيءَ جي ڍڳ تي لنگهي وئين. 16 مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن. 17 ڇو جو جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي ڊاکن ۾ ڦر ٿيندو؛ ۽ زيتون جو پورهيو بي ڦل ٿيندو، ۽ ٻنيون اَن پيدا نہ ڪنديون؛ ڌڻ واڙي کان وڍيو ويندو، ۽ ڍور وٿاڻ ۾ نہ هوندا: 18 تہ بہ آءٌ خداوند جي ڪري خوشي ڪندس، آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي ڪري سرهو ٿيندس. 19 يهوواہ، خداوند منهنجي طاقت آهي؛ اُهو منهنجا پير هرڻي جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي منهنجين مٿانهين جاين تي هلائيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society