حبقوق 2 - Sindhi Bible1 آءٌ پنهنجي ديدگاهہ تي بيهندس، ۽ ٺلهہ تي بيهي نگاهہ ڪندس تہ ڏسان تہ هو مون سان ڇا ٿو ڳالهائي، ۽ پنهنجي فرياد بابت آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان. 2 ۽ خداوند مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هي رويا لک، بلڪ تختين تي صاف لک، تہ جيڪو ڊوڙي ٿو سو بہ پڙهي سگهي. 3 ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو. 4 ڏس، هن جو روح مغرور ٿي ويو آهي، اُهو منجهس سچو ناهي، پر راستباز پنهنجي ايمان جي ڪري جيئرو رهندو. 5 هائو مغرور ماڻهو شراب وانگر دغاباز آهي ۽ پنهنجي گهر ۾ نٿو رهي؛ هو دوزخ وانگي پنهنجي گهرج وڌائي ٿو، ۽ موت وانگي آهي جنهن جو ڪڏهن بہ ڍءُ نٿو ٿئي، بلڪ سڀ قومون پنهنجي لاءِ گڏ پيو ڪري، ۽ سڀ خلقتون پنهنجي لاءِ پيو ميڙي. 6 هي سڀ هن جي برخلاف هڪڙو مثال ۽ هڪڙي ملامت جهڙو پهاڪو نہ کڻندا ڇا، ۽ چوندا تہ ويل هجي انهي سان، جو ٻين جي مال تي پاڻ کي ٿو وڌائي! پر اِهو ڪيستائين ٿيندو؟ ۽ جو پاڻ کي گروي ڏنل شين سان ڀري ٿو! 7 اُهي جيڪي توکي کائي ويندا سي اوچتو نہ اُٿندا ڇا؟ ۽ اُهي جاڳندا ۽ توکي ستائيندا، ۽ تون انهن جو شڪار ٿي ويندين. 8 ڇالاءِ جو تو گهڻين ئي قومن کي لُٽيو آهي ۽ تو ماڻهن جو رت وهايو آهي، ۽ ملڪ، ۽ شهر جي رهندڙن سان ظلم ڪيو اٿيئي. تنهنڪري باقي بچيل قومون توکي لُٽينديون. 9 انهي تي افسوس جو پنهنجي گهر لاءِ ناحق فائدو حاصل ٿو ڪري، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجو آکيرو مٿي رکي، تہ خرابيءَ کان بچي رهي! 10 تو گهڻين ئي قومن کي وڍڻ سان پنهنجي گهراڻي جي لاءِ خواري هٿ ڪئي آهي، ۽ پنهنجي روح جي برخلاف گناهہ ڪيو اٿيئي. 11 ڇالاءِ جو ڀتين مان پٿر نڪري پڪاريندا ۽ ڪاٺ مان ڪام جواب ڏيندي. 12 افسوس آهي انهي تي جو رت سان ڳوٺ اڏي ٿو، ۽ بڇڙائي سان شهر قائم ٿو ڪري! 13 ڏس اهو لشڪرن جي خداوند جي طرفان ناهي ڇا تہ ماڻهن جو پورهيو باهہ کي ڏئي، ۽ قومون باطل شين لاءِ هلاڪ ٿين؟ 14 ڇالاءِ جو زمين خداوند جي جلال جي ڄاڻپ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ٿو ڇڏي. 15 افسوس آهي انهي تي، جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيئڻ لاءِ شراب ٿو ڏئي ۽ منجهس پنهنجو زهر ٿو گڏي، ۽ هن کي نشئي ٿو ڪري تہ سندن اوگهڙ تي نظر ڪري! 16 تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي. 17 جيڪو ظلم لبنان سان ٿيو، ۽ جيڪو ڪوس جانورن جو ٿيو، جنهنڪري هو ڊڄي ويا، ۽ جيڪو ظلم تو ملڪ ۽ شهر ۽ اُن جي رهاڪن سان ڪيو ۽ ماڻهن جو خون وهايو، سو تو تي ايندو. 18 اُڪريل مورت مان ڪهڙو فائدو جا اُڪريندڙ اُڪري ٺاهي آهي؟ پلٽيل مورت ۽ ڪوڙن جي سيکاريندڙن مان ڪهڙو فائدو، جو سندس ٺاهڻ وارو انهي تي ڀروسو رکي گونگن بُتن کي ٺاهي ٿو. 19 افسوس انهي تي، جو ڪاٺ کي ٿو چوي تہ جاڳ، ۽ گونگي پٿر کي تہ اُٿ! هن مان ڪا تعليم ملندي ڇا؟ ڏس، هن تي سون ۽ چاندي چڙهيل آهي، ۽ انهي منجهہ ساهہ ڪونهي. 20 پر خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل ۾ آهي، ۽ سڄي زمين هن جي اڳيان خاموش رهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society