Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حبقوق 1 - Sindhi Bible

1 اُهو ڪلام جو حبقوق نبيءَ ڏٺو.

2 اي خداوند ڪيستائين آءٌ دانهون ڪندس ۽ تون نہ ٻڌندين؟ آءٌ تو وٽ ظلم زبردستيءَ جون دانهون ٿو ڪريان، پر تون بچائين نٿو.

3 ڇو تون مون کي بي انصافي ۽ ڏنگائي ٿو ڏيکارين؟ ڦرلٽ ۽ ظلم زبردستي منهنجي اڳيان آهن، ۽ جهيڙو ۽ بحث پيو هلي.

4 تنهنڪري قاعدو قانون ڍرو ٿي ويو آهي؛ ۽ پوري عدالت ڪانہ ٿي ٿئي؛ ڇالاءِ جو شرير سچن کي گهيري ٿا وڃن، تنهنڪري عدالت ڏنگي ٿي ويئي آهي.

5 اوهين قومن تي ڌيان ڏيئي نظر ڪريو ۽ گهڻو عجب ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهانجن ڏينهن ۾ اهڙو ڪم ڪندس جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌايو ويندو، تہ اوهين اعتبار ڪين ڪندا.

6 ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ ڪسدين کي، جا ڪَرڙي ۽ اُٻري قوم آهي، اُٿاري کڙو ڪندس: جي سڄي زمين تي هلن ٿا ۽ اُهي جايون هٿ ٿا ڪن جي سندن ناهن.

7 هو خوفناڪ ۽ هيبتناڪ آهن. هنن جي عدالت ۽ هنن جي وڏائي منجهانئن نڪري ٿي.

8 هنن جا گهوڙا بہ چيتن کان تکا آهن، ۽ شام جي بگهڙن کان وڌيڪ خوفناڪ آهن. هنن جا گهوڙي سوار مغروريءَ ۾ وڌندا ٿا اچن: هائو، هنن جا گهوڙي سوار پري پري کان ائين اُڏامندا ٿا اچن جيئن عقاب شڪار ڳڙڪائڻ لاءِ ايندو آهي.

9 هو سڀ زور زبردستيءَ لاءِ ٿا اچن: هنن جا منهن اهڙي شوق سان ڀريل آهن، جهڙو اُڀرندي جو واءُ؛ ۽ هو واريءَ وانگي قيدي گڏ ٿا ڪن.

10 هو بادشاهن تي ٺٺوليون ٿا ڪن. ۽ شهزادا هنن جي اڳيان کل چرچو آهن: هو سڀ ڪنهن مضبوط قلعي تي کلن ٿا؛ ڇالاءِ جو هو دمدما ٻڌي انهي کي فتح ٿا ڪن.

11 تڏهن هو واءُ وانگي گذري ٿا وڃن، ۽ قصور ڪري ڏوهاري ٿا ٿين، ڇالاءِ جو هنن جو زور سندن خدا آهي.

12 اي خداوند منهنجا خدا، اي منهنجا پاڪ خدا، تون هميشہ کان ناهين ڇا؟ اسين ڪين مرنداسين. اي خداوند تو هن کي عدالت لاءِ مقرر ڪيو آهي، ۽ تو، يعني اسان جي پناهہ، هن کي سيکت لاءِ قائم ڪيو آهي.

13 تنهنجون اکيون اهڙيون پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسي نٿو سگهين، ۽ شرارت ڏي نهاري نٿو سگهين، سو ڪهڙي سبب هنن تي نظر ٿو ڪرين جي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ جڏهن شرير، پاڻ کان وڌيڪ سچي ماڻهو کي ڳهي وڃي ٿو، تڏهن ڇو ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؛

14 ۽ ماڻهن کي سمنڊ جي مڇين وانگر ۽ ڪينئن وانگر ٿو ڪرين، جيئن تہ سندن مالڪ ئي ڪونهي؟

15 هو انهن سڀني کي ڪنڍيءَ سان ڪڍي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ٿو، ۽ انهن کي پنهنجي وڏي ڄار ۾ گڏ ڪري ٿو، ۽ هو خوش ۽ سرهو ٿو ٿئي.

16 تنهنڪري هو پنهنجي ڄار جي لاءِ قرباني ۽ پنهنجي وڏيءَ ڄار جي لاءِ لوبان ٿو ساڙي؛ ڇالاءِ جو انهن جي وسيلي هن جو حصو وڏو ۽ هن جو کاڌو ججهو ٿئي ٿو.

17 هاڻي هو پنهنجي ڄار خالي ڪندو ڇا ۽ قومن کي هميشہ قتل ڪرڻ کان بس نہ ڪندو ڇا؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan